سکر (بيورو رپورٽ) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس آفر آرڊر جي انتظار ۾ ويٺل اميدوار هاءِ ڪورٽ پهچي ويا، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس آفر آرڊر جي انتظار ۾ ويٺل نوجوان علي احمد شر سميت 131 اميدوارن تعليم کاتي ۽ لاڳاپيل ڌرين خلاف وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي آهي، درخواست گذار علي احمد شر ۽ ٻين درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت آءِ بي اي معرفت 2021 ۾  جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي طور تعليم کاتي ۾ ڀرتيءَ لاءِ ٽيسٽ ورتي، ٽيسٽ ۾ 40 کان وڌيڪ مارڪون کڻي پاس ٿياسين پر سنڌ حڪومت سيٽون ھجڻ ۽ عدالتي حڪم باوجود ٽن سالن کان انتظار ۾ ويهاري ڇڏيو آهي، انتظار ۾ ويٺل ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن سان ناانصافي ڪئي وئي آهي،