جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر ڪگيسو ربادا جي ڊوپ ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي ۽ کيس معطل ڪيو ويو آهي. جوهانسبرگ مان جاري ڪيل بيان ۾ 29 ورهين جي ڪگيسو ربادا چيو ته منهنجي قدم سان مداحن کي مايوسي ٿي، جنهن تي شرمندگي آهي. هن چيو ته هن وقت عارضي پابندي جو شڪار آهيان، جلد ئي ڪرڪيٽ ۾ واپس ايندس. ڊوپ ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ ڪگيسو ربادا جي ايندڙ مهيني آسٽريليا خلاف ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ شرڪت خطري ۾ پئجي وئي آهي. رپورٽن موجب ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر جنوري ۽ فيبروري دوران تفريح طور منشيات جو استعمال ڪيو هو، جڏهن ته کيس مليل سزا جي درست مدي جي تصديق ناهي ٿي سگهي. ٻئي طرف ربادا آءِ پي ايل جي ٽيم گجرات ٽائيٽن مان نڪري ويو آهي ۽ سندس واپسي جي ڪا تاريخ مقرر نه ڪئي وئي آهي.