راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان تعزيتي ملاقات ۾ محسن نقوي کي ڪرڪيٽ يا گهرو وزارت مان ڪا هڪ ذميواري ڏيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. شاهد آفريدي جي ويجهن ذريعن موجب، گذريل هفتي پنج اپريل تي ٿيل ملاقات دوران شاهد آفريدي پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي ۽ سندس امڙ جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت ڪئي. ان موقعي تي گفتگو دوران شاهد آفريدي چيو ته محسن نقوي جي نيت ٺيڪ هوندي پر ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شپ ڪُل وقتي عهدو آهي، جنهن تي مڪمل ڌيان ڌيڻ جي ضرورت آهي. شاهد آفريدي وڌيڪ چيوته علائقائي ڪرڪيٽ کي ڪامورن جي حوالي ڪرڻ سٺو فيصلو ناهي ڇو ته اتي لاڳيتو ڪرڪيٽ ٽيم جي جوڙجڪ ٿيندي آهي. شاهد آفريدي ملاقات دوران آرمي چيف کي چيو ته دنيا ۾ سندس شهرت جو ڪارڻ پاڪستان ٽيم آهي ۽ هو پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتري چاهي ٿو.