آفتون ۽ اِدارتي جوڙجڪ

0
93
ٻوڏ-جي-پاڻي-۾-چيٽ-جو-فَصُل

مينهن ۽ ٻوڏن جو ڪيل ڊوهه اڃان تائين سنڌ جو ساهه سُڪايو ويٺو آهي. ان ڊوهه ۾ موسمياتي ڦيرن جي اثرن جو پُڻ وڏو حصو آهي. هيل پوندڙ مينهن پنهنجا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ 726 سيڪڙو جي وڌاءُ سان سِنڌ جو سَنڌ سنڌ ٻُڏو آهي. موسمياتي ڊوهه سان، ڪجهه اسان جو پنهنجو ادارتي ۽ گورننس جي ڪمزوري جو ڏوهه پڻ آهي. قومون ۽ ملڪ آفتن مان سبق سکي پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ رٿابندي، پاليسي، قانوني، ادارتي، اقتصادي ۽ سماجي بهتري جا نوان گس ڳوليندا آهن ۽ پنهنجين ڪمزورين کي قبول ڪري انهن کي گهٽائي يا ختم ڪري اڳتي وڌندا آهن. پاڪستان ۽ سنڌ کي پڻ هاڻ اِهو ڪرڻو پوندو.

  ٿورو تاريخ کي ڦلھورينداسين ته اسان کي سمجهه ۾ ايندو ته پاڪستان ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ واري پاليسي، قانون ۽ ادارتي نظام کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪ 2005ع واري زلزلي اچڻ کان اڳ ۽ ٻيو 2005 کان پوءِ وارو دؤر.

                 پاڪستان جي ٺهندي ئي گهڻو ڪري انگريز دؤر جي ٺاهيل قانون/آئين، ادارن ۽ پاليسين کي اپنايو ويو. نئين وجود ۾ آيل ملڪ جي حالتن ۽ ضرورتن مطابق شين کي تبديل نه ڪيو ويو. 1956ع جي آيل ٻوڏن (اوڀر ۽ اولهه پاڪستان ۾) سبب 1958ع ”نيشنل ڪليميٽي ايڪٽ“ ٺهيو. ان سال ئي واپڊا جو ايڪٽ پڻ وجود ۾ آيو. ان کان اڳ 1951ع ۾ سول ڊفينس جو ادارو مرڪزي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ٺاهيو ويو هو. ان جو محرڪ جنگ ۾ منهن ڏيڻ وارو ڪم هو. سول ڊفينس واري اداري ۾1993ع ۾ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي تياري، تُرت علاج ۽ تڪڙي واهر پڻ شامل ڪيا ويا. 1970ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ تمام وڏو سامونڊي طوفان آيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽن لکن کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. پاڪستان جي گڏيل تاريخ ۾ اهو وڏي ۾ وڏو سانحو آهي. ان جي نتيجي ۾ ايمرجنسي رليف سيل ٺهيو ۽ پوءِ جڏهن ملڪ جون جاگرافيائي حدون تبديل ٿيون ته ان کي پڻ ختم ڪيو ويو. سنڌ ۾ (۽ پاڪستان جي موجوده حدن ۾) جڏهن بئراج ٺهڻ شروع ٿيا، تئين سنڌو درياءُ جي بندن ٻڌڻ ۽ وڌائڻ جا ڪم ڪيا ويا. 1960ع واري ”سنڌ طاس“ معاهدي جي نتيجي ۾ جيڪي ڊئم، واهھ ۽ پاڻي سان لاڳاپيل اڏاوتون ٿيون. ان ۾ واپڊا اڳرائي ڪئي. 1977ع ۾ ٻوڏن جي مرڪزي ڪميشن (Federal Flood Commission) جُڙي. شروع کان صوبائي طور تي ڪنهن به آفت جي طور تي، رليف ڪمشنر (جيڪو روينيو بورڊ جو سينيئر ميمبر هجي ٿو/ ٿي) جو ڪردار مرڪزي ۽ اهم رهيو آهي. ماليات اداري (Revenue) جو ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، اسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار وارو ڍانچو هميشه آفتن جي حالتن ۾ رليف آپريشن اختيارن۽ ذميدارين جي لحاظ کان قانوني ۽ ادارتي وهنوار هلائڻ جي حساب کان اهم حيثيت رکندڙ هو ۽ آهي. باقي دريائي ٻوڏ جي صورت ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ کان وٺي اڄ تائين، اريگيشن کاتي جي ذميداري آهي ته درياءِ سنڌ جي پاڻي کي بندن جي اندر رکي، سمنڊ تائين پهچائين. آفتن جي دؤران پاڪستان فوج جو تمام اهم آئيني ۽ ادارتي ڪردار آهي، جن کي هُو هر آفت ۾ نڀائيندا اچن.

2005ع جي زلزلي اسان جي قانوني، پاليسي، رٿابندي ۽ ادارتي سگهه ۽ ساک بلڪل وائکي ڪري ڇڏي انڪري جلد ئي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ٺاهي وئي ۽ 2007ع ۾ نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ آرڊيننس آيو، جنهن جي نتيجي ۾ NDMA مرڪز ۾، صوبائي اٿارٽيونPDMA ۽ ضلعي سطح تي ضلعي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيون DDMA جوڙيون ويون. ان سان گڏ هر ضلعي جا هنگامي/ هاڃيڪار حالتن جو انتظام ڪاري ۽ ان کي منهن ڏيڻ جا پلان جوڙيا ويا. 2001ع ۾ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس جي نتيجي ۾ بظاهر ضلعي حڪومتن جو انقلاب اچي چُڪو هو ۽ پراڻو ڪامورڪو ڍانچو بنا ڪنهن هوم ورڪ جي تبديل ٿي چڪو هو ۽ وري جڏهن 2008ع ۾ جمهوري دؤر شروع ٿيو ته مڪاني ادارن ۽ ضلعي حڪومتن جا قانوني لاها چاڙها نوان رُخ کڻي آيا. 2010ع ۾ قومي ڊزاسٽر مينيجمينٽ ايڪٽ پاس ڪيو ويو، جنهن ۾ مرڪزي ۽ صوبائي ادارن کي نئين طريقي سان اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪا طرز حڪمراني(Governance) کپي ان ۾ صرف حڪومتي عنصر ۽ ادارا سڀ ڪجهه نٿا ڪري سگهن. عالمي ادارن، فلاحي ادارن ۽ تنظيمن سان گڏجي هڪ فعال سسٽم ٺاهي اڳتي وڌڻو هوندو آهي.

NDMA جي مرڪزي ۽ صوبائي ڍانچن ۾ گهڻي جهول ۽ضلعي انتظام ڪاري ۾ پوين ڏهن سالن جي تجربن جي ڪري آيل ڪمزورين جي باوجود 2010ع ۽ 2011ع جي ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور ۽ گڏيل ڪمن جي ڪري، انهن انتهائي تباهه ڪن ٻوڏن کي اڄ جي ڀيٽ ۾ بهتر نموني سان نڀايو هو. ان مان هڪ سادي مفروضي تي تحقيق ڪري سگهجي ٿي پوئين هڪ ڏهاڪي ۾ سنڌ جي طرز حڪمراني ۽ ادارتي سگهه گهڻي پوئتي هلي ويئي آهي. هن وقت جي ادارتي جوڙجڪ ۽ ان سان لاڳاپيل متا ۽ اصول جاچبا ته خبر پوندي ته مرڪزي سطح تي اين ڊي ايم اي کي آفتن ۽ ممڪنه هاڃن کان بچاءُ، انهن جي اثرن کي گهٽائڻ، ان کي ڀلي ڀت سنڀالي وري ڏتڙيلن کي انهن حالتن مان ڪڍي عام زندگيءَ ڏانهن موڙڻ لاءِ گهربل قدم ۽ رٿا بندي ڪرڻي آهي. جيڪڏهن آفتن جي انتظام ڪاري کي ڏسجي ته ان جا چار بنيادي مرحلا آهن.

1.آفتن کان اڳ آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري، 2. آفتن جي اچڻ جي صورت ۾ ملڪ/ماڻهن کي ان ڏکئي وقت مان ڪڍڻ جا جتن ڪرڻ  ته ”جيئن زندگيون، مال/ جانور ۽ ٻين شين کي بچائي سگهجي، 3. ڏتڙيلن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سندن روزگار ۽ زندهه رهڻ جا امڪان وڌائجن ۽ آخر ۾ ، 4. آفتن کان پوءِ وارو مرحلو جنهن ۾ هنن جو عزت ڀريو روزگار، روڊ رستا، سماجي ضرورتون، صحت، تعليم وغيره جي مڪمل بحالي ۽ قدرتي/انساني شامتن جي ڏمر ۾ آيل انسانن جي ذهني، سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي بهتر ڪرڻ آهي. موسمياتي ڦيري کي ذهن ۾ رکندي ان بحالي جي عمل کي جٽادار ۽ ايندڙ آفتن کي منهن ڏيڻ جي سگهه ۾ واڌارو هجڻ کپي.

اين ڊي ايم اي  سان گڏ لاڳاپيل پاليسيون ۽ پلانن تي صوبائي حڪومتن کي مڪمل ساهتا ڏيئي عمل ڪرائڻو آهي. صوبن کي ٽيڪنيڪي ۽ فني سهولت ڪاري ڏيڻي آهي. ادارتي ڄاڻ کي وڌائڻو آهي ۽ عام ترقي وارن ٻين پراجيڪٽن کي به اهڙي نموني سلهاڙڻ جو ڪم ڪرڻو آهي جو آفتن جي انتظام ڪاري ترقي جو پڻ جُز بڻجي وڃي. ساڳي ريت وري صوبائي اٿارٽي کي هنگامي/ آفتن کي گهٽائڻ ۽ بچاءُ لاءِ صوبائي پلان/ منصوبه ٺاهڻا آهن. پوري صوبي جي آفتن کي منهن ڏيڻ جي سگهه ۽ ڪمزورين جو ڪاٿو لڳائڻو آهي. سنڌ جي ٻين ادارن جي (جيڪي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سان آفتن سان لاڳاپيل آهن) جي فني، انساني، ذريعن جي سگهه کي پڻ ڏسڻو آهي ۽ ان ۾ جيڪڏهن وڏيون وٿيون آهن ته ان جي تدارڪ لاءِ رستا ٻڌائڻا آهن. ڪنهن به آفت جي صورت ۾ ضروري سهڪار لاءِ اڳرائي ڪري سڀني ڌُرين ۽ ادارن ۾ ربط وڌائڻو آهي. اِهو پڻ ڏسڻو آهي ته اُهي ادارا پنهنجو پنهنجو ڪم ڪيئن ڪري (يا نه ڪري) رهيا آهن.

قانوني طور تي ضلعي سطح تي ضلعي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيون ٺهيل آهن. ضلعو، آفتن جي ڪم ڪار ۽ وهنوار جي لحاظ کان انتهائي اهم انتظامي ۽ جاگرافيائي يونٽ آهي. پر ڪٿي به اِهي DDMA ٺهيل ڪونه آهن / يعني ڪاغذي طور تي ٺهيل هجن پر بلڪل به فعال نه آهن. ڇاڪاڻ ته ان جو انچارج ڊپٽي ڪمشنر آهي، جنهن کي دنيا جهان جا سڀ ڪم ڏنا ويا آهن. انگريز دؤر جي ٺاهيل حاڪميت واري پروٽوڪول عام ماڻهن جي آساني لاءِ ان پوسٽ کي ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. هنگامي حالتن ۾ ڪانٽنجنسي پلان ڪاغذي طور تي هر ضلعي ۾ ٺهيل هوندا آهن جن ۾ باهه لڳڻ کان وٺي ٻوڏ تائين سڀن جي ايمرجنسين ۾ ڪنهن کي ڇا، ڪيئن، ڪڏهن، ڪيترو ۽ ڇو ڪرڻو آهي جا جواب لکيل هجڻ کپن.

آفتن جي انتظام ڪاري ۽ ان سان لاڳاپيل ادارتي سگهه کي تمام باريڪ بيني سان ڏسڻو آهي ۽ انهن جي ڪمزورين ۽ ٽپال واري دٻي واري عمل کي تبديل ڪري حالتن پٽاندڙ ڪرڻو آهي. هڪ ڳالهه ٻوڏ جي حوالي سان سمجهڻ کپي ته آبپاشي کاتي کي ڏسڻو آهي، ساڳي نموني زميني ڊرينيج جي مسئلن کي پڻ ان کي ڏسڻو آهي، اهو گھوٽڪيءَ ۾ ڪاري ناري کان وٺي آر بي او ڊي، ايل بي او ڊي ۽ ٻين لاڳاپيل ڪمن کي چڱي طرح ڪاٿو ڪري درياءَ  جي ٻوڏ ۾ڪم ميرٽ جي بنياد تي ڪرائڻا آهن. ساڳئي نموني ۾ شهري ٻوڏن کان بچاءُ لاءِ اسٽارم واٽر مينيجينٽ جو سسٽم شهري انتظاميه ۽ لوڪل گورنمينٽ کي ڏسڻو آهي، ڪٿي پاڻي ۾ رڪاوٽ ته پيدا ته نٿي ٿئي ان ڪم کي Land use planning جي سڀني کاتن کي ڏسڻو آهي. مقصد اِهو آهي ته نه صرف سرڪاري ادارن کي بلڪھ غير سرڪاري ادارن، ماڻهن ۽ تنظيمن سان گڏجي مضبوط رٿابندي ڪري ڪم ڪرڻو آهي. (ان جي عملي ڍانچي جي باري ۾ ايندڙ آرٽيڪل درياءَ جي ٻوڏبابت پڙهندا).

[email protected]