آغا سليم جي لطيف شناسي

0
30
آغا سليم جي لطيف شناسي

 آغا خالد سليم ولد آغا عبدالڪريم خان 7 اپريل 1934ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو هن شڪارپور، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۽ لاهور مان تعليم حاصل ڪئي، ريڊيو پاڪستان تي ڪم ڪيائين، ڊائريڪٽر جي عهدي تي 1995ع  ۾ ريٽائر ٿيو. ادبي سڃاڻپ ناول نگار، افسانا نويس، ناٽڪ نويس،  مترجم ۽ لطيف جي پارکوءَ طور آهي، هن لکڻ جي شروعات 1952ع ۾ افساني “آهه ! اي ظالم سماج” کان ڪئي ۽ پوءِ ڪيترائي افسانا لکيائين جن جا مجموعا “لذتِ گناهه”، “درد جو شهر”، “ڌرتي روشن آهي”، “چنڊ جا تمنائي” ۽ ناولن ۾ “همه اوست”، “اونداهي ڌرتي روشن هٿ”، “روشنيءَ جي تلاش” آهن،  آغا سليم جا لکيل ناٽڪ نشر ٿي مقبول ٿيا، جيئن “گل ڇنو گرنار جو”، “پرهه جا مسافر”، “درد جا پڙلاءَ”، “پوياڙيءَ جا پاڇا”، “سرابن جا مسافر”، “ڪيڏا سپنا ڪيڏا خواب” ۽ ٻيا آهن. “جهولي لال” سفر نامو پڻ سندن ڪريڊٽ تي آهي ته تحقيق ۾ “ڍول مارو”، “بابا فريد گنج جي شاعري” (ترجمو ۽ تحقيق)، “صدين جي صدا” شيخ اياز جي شاعريءَ جو اڀياس، ۽ ٻيا ڪتاب آهن. سندس ڪتاب “پن ڇڻ ۽ چنڊ” (غزل، نظم، بيت) سنڌي شاعريءَ ۾ 1986ع ۾ شايع ٿيو، سچل سرمست بابت اردو ٻوليءَ ۾ “سچل سچ هي سارا” ۽ “سچل سرمست، منتخب ڪلام” آهن، کيس تصوف ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ سان خاص چاهه هو. ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ کي اردو ٻوليءَ ۾ (منظوم) پيش ڪرڻ سندس وڏو ڪانامو شمار ٿيئي ٿو. سندس شعر توڻي نثر ۾ لفظن جي چونڊ نه  وسرندڙ آهي، آغا سليم 12 اپريل 2016ع تي وفات ڪئي.

لطيف شناسيءَ: تي آغا سليم جو ڪم لاڀائتو آهي، هن جيترو لطيف سائين بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ڪيو. ايترو ئي يا ان کان وڌيڪ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لطيف سرڪار بابت لکي شاهه جو قن وڏي پڙهندڙ طبقي تائين پهچايو ، جنهن تي ايوارڊ مليس، هُو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکندڙ ۽ لطيفي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندڙ هيو.

لات جا لطيف جي: آغا صاحب جو ڪتاب 212 صفحن تي مشتمل 2008ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو، جنهن ۾ آيل مضمونن ۾ “لات جا لطيفي جي”، “شاهه جي غم جو فلسفو”، “جو نجس نيکاري”، “چوڏس چٽاڻو”، “لڳي تند تنوار”، “سورٺ راءِ ڏياچ”، “مقدر جو ڊرامو”، “انساني عظمتن جو ايپڪ”، “درسن ڌارون ڌار”، “اڀر چنڊ پس پرين”، “بندر جان ڀئي”، “ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي”، “رند پروڙين راز”، “آئي مند ملار”، “ڏک تنين کي ڏک”، “جي وڃن راهه پڇن”، “ناٿ ڏنائون نانهن” ۾  آهن.

سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه جي رسالي جا سُر: شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي 2011ع ۾ 120 صفحن تي شايع ڪيو، ڪتاب ۾ آيل مواد، “سنڌي موسيقيءَ جا داستان”، “سنڌ جا قديم گيت”، “شاهه جي رسالي جا سُر”، “رسالي جي ڪلاسيڪي راڳن وارن سُرن جو مختصر تعارف ۽ پس منظر”، “راڳ ۽ رس جو نظريو”، “سنڌ پرڪاش راڳن جو نظريو”، “سنڌي موسيقي ۽ سماج جي روايت”، “راڳن جا نالا ۽ پس منظر”، “يورپ جي موسيقيءَ ۾ رومانيت جي تحريڪ”، “يورپ ۾ لوڪ گيتن جي روايت”، “پاڪستاني موسيقيءَ ۾ مسلمانن جو حصو” آهي.

اردو ٻوليءَ ۾: آغا صاحب شاهه لطيف جي “سر سورٺ” کي منظوم اردو ۾ آندو جو لوڪ ورثه اسلام آباد 97 صفحن تي 1985ع ۾ شايع ڪيو ان کانپوءِ “سر مومل راڻو” 120 صفحن تي منظوم ترجمو ڪيائين جو شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1986ع ۾ 120 صفحن تي ڇپائي پڌرو ڪيو. “سر ڪلياڻ، ايمن، کنڀات” ٽن سرن جو اردو ترجمو آهي جنهن ۾ سر ڪلياڻ جي ٽن داستانن جي 74 بيتن ۽ ٽن واين ۽ سر ايمن ڪلياڻ جي 8 داستانن مان 181 بيتن ۽ 9 واين ۽ سر کنڀات جي 74 بيتن ۽ 6 واين جو آسان، عام فهم اردو منظوم ترجمو آهي.

دشتِ وجود کي مسافت: ڪتاب ثقافت کاتي سنڌ 2012ع ۾ 227 صفحن تي ڇاپيو. جنهن ۾ تصوف ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي مختلف رُخن تي روشني وڌل آهي، کين شاهه جي راڳ بابت گهڻي معلومات هئي. “سر سورٺ” ته ڄڻ سندس پسنديده سُر هو، جنهن تي گهڻو لکيو اٿائين رسالي جي اردو منظوم ترجمي جي حوالي سان آغا صاحب جو ڪم کيرون لهڻي شروع ۾ 372 صفحن تي 1984ع ۾ شاهه جي رسالي جو چونڊ منظوم ترجمو “لالن لعل لطيف ڪَهي” لوڪ ورثه اسلام آباد معرفت آندائين. جنهن کانپوءِ منظوم رسالو “شاہ ڪا رسالہ” 1992ع ۾ 484 صفحن تي لوڪ ورثه اسلام آباد شايع ڪيو جنهن جو ٻيو ڇاپو سن 2000ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه مان 844 صفحن، 32 سُرن 2903 بيتن ۽  193 واين تي مشتمل ڇپيو آهي.

محترمه ارم فاروق جمالي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سنڌي شعبي مان ايم اي سنڌي فائنل ۾ آغا صاحب بابت مونو گراف لکيو، جنهن ۾ عنوان “آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس” آهي، جو هن 2015ع ۾ مڪمل ڪيو. باب هن ريت آهن، باب پهريون، سوانح عمري، باب ٻيو، آغا سليم جي تخليقن جو تعارف، باب ٽيون شاهه جي رسالي جي انگريزي ترجمي جو اڀياس، چونڊ شعر ۽ نتيجا آهن. هيٺ “لالن لعل لطيف ڪَهي” جو مختصر جائزو ڏجي ٿو.

“لالن لعل لطيف ڪَهي”: آغا سليم  55 صفحن جو مقدمو شاهه جي زندگي ۽ فن بابت لکيو آهي، باقي 367 صفحن تائين چونڊ ڪلام جو اردو ترجمو آهي، لوڪ ورثه (اسلام آباد 1990ع ۾ ڪتاب شايع ڪيو، مترجم موجب ته، ” هن شاهه صاحب جي شاعريءَ کي اردوءَ ۾ منتقل ڪرڻ مهل امير خسرو جو اردو لهجو اختيار ڪيو آهي، جيڪو کين شاهه لطيف جي شاعريءَ جي لطافت کي ويجهو محسوس ٿئي ٿو” آغا صاحب کان اڳ رشيد  احمد لاشاري، الياس عشقي، آغا تاج محمد، شيخ اياز، ڊاڪٽر اياز قادري شاهه لطيف جي شاعريءَ کي اردو ٻوليءَ ۾ نثر ۽ نظم ۾ ترجمو ڪيو آهي. آغا صاحب جو هي منظوم ترجمو چونڊ بيتن تي مشتمل آهي ۽ هر سر جو مختصر تعارف آهي، باقي بيتن جا سر، داستان يا بيت نمبر ڄاڻايل نه آهن. لطيفي بيتن جو اردو منظوم ترجمو موسيقي جو حامل ۽  اردوءَ جي قديم  دکني راويت جي حوالي سان هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو، آغا صاحب جون لطيفي خدمتون هميشه قائم رهنديون.