ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسميبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته اليڪشن ٿيڻ گهرجي، اهو سپريم ڪورٽ جو حڪم آهي، بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ وزيراعظم هوندو، ڪالهه احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  زرداري صاحب ڪافي سينيئر آهي.  بلاول ڀٽو به تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي،  کيس وزيراعظم جو موقعو ملڻ گھرجيس، هوڏانهن آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اسپيڪر آغا سراج دراني، اسلم پرويز، آغا شهباز خان، ذوالفقار ڏھر ، گلزار احمد ، شمشاد خاتون، طفيل شاھ  ۽ ٻيا پيش ٿيا، عدالت ھڪ جوابدار شڪيل احمد جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت ۾ 4 جوابدارن پاران حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ڏني وئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي 22 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي .