اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن جو حتمي نتيجي تي ٻڌل فارم 7 جاري ڪري ڇڏيو، صدارتي چونڊن جي رٽرننگ آفيسر ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر  سڪندر سلطان راجا پاران جاري ڪيل حتمي نتيجن جي فارم 7  ۾ چيو ويو آھي ته  صدارتي چونڊ ۾ ڪل ھڪ ھزار 44 ووٽ پول ٿيا  ، جن ۾ 9 ووٽ رد ٿيا. رد ٿيل ووٽن ۾ سينيٽ ۽ قومي اسمبلي جي پولنگ تي هڪ جڏهن ته ڪي پي ڪي ۽ سنڌ اسمبلي جي پولنگ تي به هڪ هڪ ووٽ رد ٿيو ۽ پنجاب اسمبلي جي پولنگ تي سڀ کان وڌيڪ 6 رد ٿيل ووٽ شامل آھن، رد ٿيل ووٽن کي ڪڍي صدارتي چونڊ ۾ ڪل درست قرار ڏنل ووٽ 1035 آھي جن مان  آصف علي زرداري کي 411 ووٽ جڏھن ته محمود خان اچڪزئي کي 181 ووٽ مليا. فارم 7 مطابق آصف علي زرداري کي پارليمينٽ مان 255، سنڌ اسيمبليءَ مان 58، خيبرپختونخوا اسيمبليءَ مان 8، پنجاب اسيمبليءَ مان 43 ۽ بلوچستان اسيمبليءَ مان 47 ووٽ مليا. محمود خان اچڪزئي کي پارليمينٽ مان 119، سنڌ اسيمبليءَ مان 3، خيبرپختونخوا مان 41، پنجاب اسيمبليءَ مان 18 ۽ بلوچستان اسيمبليءَ مان ڪو به ووٽ نه مليو. اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن جي نتيجن کان وفاقي حڪومت کي به آگاھ ڪري ڇڏيو آھي. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن آصف حسين سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن کي خط لکيو ۽ صدارتي چونڊن جو حتمي نتيجو وفاقي حڪومت کي اماڻيو ويو آھي.