شڪارپور(رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آھي ته سنڌو درياھ مان نوان ڪئنال ٺاھڻ ۽ ارسا ايڪٽ ترميم خلاف 19 سيپٽمبر کان جي ڊي اي سميت مختلف جماعتن سان جيئي سنڌ محاذ مسلسل جدوجھد ۾ سڀني سان گڏ آھي، سنڌ سرڪار چئي ٿي ته صدر آصف زرداري ڪئنالن کي پڌر نامي تي صحيح نه ڪئي آھي، بلاول زرداري چوي پيو مونکي خبر نه پئي ته سنڌ مٿان ڪئنال اڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، آصف زرداري پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن منصوبي تي صحيح ڪري سنڌ جي سيني تي وار ڪيو آھي، شڪارپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي جو چوڻ هو ته تاريخ گواھ آھي ته سنڌ جي حلالي پٽ اڳوڻو صدر عارف علوي ڪئنالن جي ڊرافٽ تي صحيح نه ڪئي پر ھن ڪو اجلاس به نه گھرايو، آصف زرداري سنڌ سان ظلم ڪيو آھي، جي يو آءِ ۽ پ پ وارا سنڌ جي ماڻھن سان ڌوڪو ڪرڻ لاءِ ڪوڙيون آل پارٽيز ڪانفرنس پيا ڪن، سنڌ جي پاڻي جي تباھي ۾ 3 جماعتون ذميوار آھن جن ۾ پ پ، جي يو آءِ ۽ مسلم ليگ ن شامل آھي، شڪارپور، سکر، گھوٽڪي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ڌاڙيلن جي حوالي ٿيل آھن، ھر شھر ۾ آئيس ھلي پئي پر قانون ڪٿي نظر نه پيو اچي، سانگھڙ ۽ ٽنڊو آدم ۾ اسان جي ڪارڪنن خلاف ڪارروائي ڪري ھنن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، ھن چيو ته اسان کي خوفزادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن روڊن تي نه اچئون، ھن وڌيڪ چيو ته 29 نومبر تي دريا تي قبضي خلاف ميرپور خاص جي روڊن تي نڪري احتجاج ڪنداسين جيڪا تحريڪ آخري دم تائين جاري رھندي جيستائين اھو منصوبو واپس نه ٿو ورتو وڃي، پھرين ڊسمبر ايڪتا ڏھاڙي تي انتھاپسندي ۽ درياھ تي قبضي خلاف ۽ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قاتل جي گرفتاري لاءِ عمر ڪوٽ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍنداسين