لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جو سينيٽر ۽ اڳوڻو آءِ جي سنڌ راڻا مقبول احمد لاڏاڻو ڪري ويو آهي. هو ڪجهه وقت کان بيمار هو ۽ ٻن ڏينهن کان مقامي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. هن لاهور جي اسپتال ۾ دم ڏنو، راڻا مقبول آءِ جي سنڌ به رهيو، ان کان سواءِ پنجاب جو پراسيڪيوٽر جنرل به مقرر ڪيو ويو. 2018ع ۾ مسلم ليگ ن جي حمايت سان سينيٽر چونڊجي آيو هو، جنهن کانپوءِ هو سينيٽ جي ڪابينا ڪميٽي جو چيئرمين به رهيو. راڻا مقبول سينيٽ آف پاڪستان جي ميمبر طور فوجداري قانونن ۾ ترميم جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪيو. مٿس آصف علي زرداري تي تشدد ۽ زبان ڪٽڻ جو الزام به هو. آصف علي زرداري راڻا مقبول احمد خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو، جيڪو بعد ۾ عدالت خارج ڪري ڇڏيو هو. راڻا مقبول احمد نواز شريف جي ٻئي حڪومتي دور ۾ سياسي مخالفن تي تشدد ۽ ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ جي ڪري به مشهور ٿيو هو. راڻا مقبول 1999ع ۾ مشرف جي ٺاهيل جھاز سازش ڪيس ۾ نواز شريف جو شريڪ جوابدار به هو.