اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب صدر کي تڪراري قرار ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي ناهي، ملڪ ۾ حڪومت جي ڪري 27 ارب ڊالرز ٻاهر هليا ويا، ڪرپشن عروج تي آهي ۽ هي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جون دعوائون ڪري رهيا آهن، پيپلز پارٽي سنڌو درياءَ جو پاڻي وڪڻي رهي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته سمورا فيصلا ايوان کان ٻاهر ٿي رهيا آهن، هو پارليامينٽ ۾ خطاب ٻڌڻ نه پر احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آيا هئاسين، صدر کي آئيني صدر نٿا سمجهون، احتجاج جو سلسلو اڳتي به جاري رکنداسين، شبلي فراز چيو ته جيڪڏهن جي غير نمائنده حڪومت رهي ته ملڪ جو الله حافظ آهي.