ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته آصف زرداري احتساب کان بچڻ ۽ ڊگهي عرصي تائين اقتدار ۾ ويهڻ لاءِ 8 جولاءِ تي سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ جي غير آئيني اجازت ڏني، سنڌ جو وڏو وزير غلط بياني ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ جي عوام کي دوکو ڏئي رهيو آهي، 26هين آئيني ترميم صوبائي خودمختياري کي متاثر ڪندي ۽ عدليه کي ڪمزور ڪندي، جيڪا قابل مذمت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ڄامشورو ۾ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سيد زين شاهه چيو ته جي ڊي اي جي ڪور ڪاميٽي جو اجلاس اڄ ڪراچي ۾ پير صاحب پاڳارا جي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن ۾ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي جدوجهد کي تيز ڪرڻ لاءِ لائحه عمل جو فيصلو ڪيو ويندو، 4 نومبر تي سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ڪراچي جي عوام جي مستقبل جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندوم پاڻي تي قبضي جي سازش کان آگاهه ڪنداسين ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي بندش سبب بدين، ٺٽي ۽ ڪراچي جا ماڻهو پاڻي لاءِ اڃايل آهن، اسيمبلي ميمبر ۽ سينيٽر سان ملاقات ڪري کين سنڌو درياهه تي قبضي بابت ياداشت ناما پيش ڪنداسين. سيد زين شاهه چيو ته پيپلز پارٽي سنڌو درياهه بچايو تحريڪ کي مذهبي ۽ لساني تضادن ذريعي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر ان سازش کي ناڪام بڻائينداسين. ايس يو پي سنڌو درياهه جي بچاءَ ۽ غير قانوني ڪئنالن خلاف وڙهندڙ ۽ آواز اٿارڻ وارين سمورين پارٽين جي مڪمل حمايت ڪندي، هن چيو ته هڪ طرف پنجاب سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪري رهيو آهي. هڪ طرف پنجاب جو ريگستان آباد ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف سنڌ جون زمينون بنجر ٿي رهيون آهن. سنڌ کي بنجر بنائڻ وارو عمل سنڌ دشمن ۽ غير آئيني طور تي ان جي حصي جو پاڻي کسڻ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جي سازش آهي.