رتوديرو/ نئون ديرو(نمائندن وٽان) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي جي موقعي تي ٻئي طرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪئي.آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪئي، صنم ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو زرداري مزار جي مٿين حصي جو دورو ڪرڻ بعد مزار تي ڊيوٽي ڏيندڙ ملازمن سان ڳالھ ٻولهه پڻ ڪئي. آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو جي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچڻ کان اڳ مزار کي عام ماڻهن جي اچ وڃ کان مڪمل طور تي خالي ڪرائي سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ حاضري ڀرڻ بعد آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو واپس نئون ديرو هائوس پهچي ويون. هوڏانهن نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ مسوديرو ۾ زيبسٽ پاران هڪ ڏينهن لاءِ عورتن، ٻارڙن ۽ چمڙي جي بيمارين جي مفت علاج لاءِ طبي ڪئمپ لڳائي وئي. طبي ڪئمپ جو افتتاح شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ننڍي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري ۽ شهيد راڻي جي ڀيڻ صنم ڀٽو ڪيو. طبي ڪئمپ جو افتتاح ڪرڻ بعد آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو علاج لاءِ پهتل سوين عورتن ۽ ٻارڙن سان ملاقات ڪري حال احوال ورتا.