ڪراچي(شوبز نيوز) ڪيترائي عالمي فلمي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪندڙ پاڪستاني فلم “جواءِ لينڊ” آسڪر ايوارڊ جي نامزدگين ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهي. دنيا جي سڀ کان وڏي فلم ايوارڊ “آسڪرز” جو ميلو 12 مارچ تي لاس اينجلس ۾ لڳندو. 95 هين سالياني اڪيڊمي ايوارڊ لاءِ مختلف شعبن ۾ نامزدگين کي آخري شڪل ڏني وئي آهي. پاڪستاني فلم “جواءِ لينڊ” کي هلندڙ سال آسڪرز جي انٽرنيشنل فلمز ڪيٽيگري ۾ شارٽ لسٽ ڪيو ويو هو پر اها فلم آخري فهرست ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهي. ان ڪيٽيگري ۾ جرمن فلم “آل ڪوائٽ آن دي ويسٽرن فرنٽ”، ارجنٽائن جي “ارجنٽائن 1985”، بيلجيئم جي “ڪلوز”، پولينڊ جي “اي او” ۽ آئرلينڊ جي “دي ڪوائلٽ گرل” فلمون نامزد ٿيون آهن. مختلف شعبن ۾ نامزدگين جي حوالي سان سائنس فڪشن فلم “ايوري ٿنگ ايوري ويئر آل ايٽ ونس” سڀ کان اڳتي آهي جنهن کي 11 شعبن ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. ڀارتي فلم “آر آر آر” جي مشهور گيت “تو ناچو ناچو” کي اوريجنل سانگ ڪيٽيگري ۾ جاءِ ملي آهي.