ڪراچي(اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر صاحبزاده فرحان چيو آهي ته پهريان به آسٽريليا جو دورو ڪري چڪو آهيان، اتي کيڏڻ ۾ مسئلو ناهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نوجوان ڪرڪيٽر چيو ته محمد رضوان جي ڪپتاني ۾ کيڏڻ ۾ ڪا به ڏکيائي پيش نه ايندي. هن وڌيڪ چيو ته آسٽريليا جي ڪنڊيشنز کان واقف آهيون، جتي به موقعو ملندو، اتي کيڏڻ لاءِ دستياب هوندس. واضح رهي ته صاحبزاده فرحان ڇهن رانديگرن ۾ شامل آهي، جيڪي آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو آهن، رانديگرن جي تربيتي ڪئمپ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ جاري آهي. آسٽريليا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 14 کان 18 نومبر تائين کيڏي ويندي.