سڊني(انٽرسٽنگ نيوز) آسٽريليا ۾ 30 ورهين جي هڪ شخص ڪچري مان هڪ سال اندر هڪ ڪروڙ 85 لک رپيا ڪمائي ورتا. ليونارڊو اربانو نالي 30 ورهين جي همراهه 2023ع ۾ سڊجي جي روڊن تان ڪچرو ميڙيو ۽ 66 هزار 306 ڊالرن ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو، جيڪا رقم پاڪستاني رپين ۾ هڪ ڪروڙ 85 لک رپين کان به وڌيڪ ٿئي ٿي. اربانو قيمتي برانڊز جا ٿيلها، ڪافي مشينون، سونا ڳَھَه، روڪ رقم ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قيمتي شيون سڊني جي روڊن تان هٿ ڪيون هيون. هو هر روز نيرن کان پوءِ سائيڪل يا گاڏيءَ تي گهران نڪرندو آهي ۽ سڊني جي گھٽين ۾ موجود ڪچري کي ڦلهوري ٿو. اربانو ٻڌايو ته سڊني جي گھٽين ۾ کيس روز ڪا نئين شيءِ ملندي آهي. ايستائين جو فريج، الماريون ۽ بيڊ جھڙيون شيون به ملي ٿيون وڃن. آسٽريليا ۾ مقامي ڪونسلر پاران شهرين کي سال ۾ ٻه ڀيرا پراڻو سامان مفت ۾ کڻڻ جي آڇ ڪئي ويندي آهي، جنهن دوران فرنيچر ۽ ٻيو ڳرو سامان به شهري گھٽين ۾ رکي ڇڏيندا آهن، ته جيئن اهڙو سامان مخصوص جاءِ تي پهچي وڃي. اربانو ٻڌايو ته کيس ڪمپيوٽر يا ان سان لاڳاپيل سامان به ڪافي ملندو آهي، عام طور اهو پرڏيه مان ايندڙ شاگردن جو هوندو آهي. 2023ع ۾ هن سڊني جي روڊن تان 50 کان وڌيڪ ٽي وي سيٽ، 30 فريج، 20 کان وڌيڪ واشنگ مشينون، 50 ڪمپيوٽر/ ليپ ٽاپس، 6 ويڪيوم ڪلينر، 150 کان وڌيڪ ٻوٽن واريون ڪونڊيون ۽ ٻوٽا، 100 کان وڌيڪ ليمپ ۽ پينٽنگز ۽ 849 ڊالر هٿ آيا.