ڪينبرا(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي ڪرڪيٽ کي رانديگرن کي زخمي ٿيڻ جي ڳڻتي ورائي وئي، ان لاء ڪرڪيٽرن کي زخمي ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پليئنگ ڪنڊيشنز ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن. جنهن تحت بيٽرن لاءِ هيلمٽ سان گڏ گردن تي پروٽيڪٽر جو استعمال لازمي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آسٽريلين ڪرڪيٽ موجب نئون قانون پهرين آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندو، ڀڃڪڙي ڪندڙ رانديگرن تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، ان فيصلي سان ڪيترائي رانديگر متاثر ٿيندا. عثمان خواجه، ڊيوڊ وارنر ۽ اسٽيو سمٿ هيلمٽ سان گڏ پروٽيڪٽر استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن جڏهن ته موجوده وائٽ بال جي آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ ٽم ڊيوڊ، جوش انگلس به حفاظتي پروٽيڪٽر استعمال نه ٿا ڪن. ڪرڪيٽ آسٽريليا حفاظتي پروٽيڪٽر سميت نئين سيزن جي پليئنگ ڪنڊيشنز لاءِ 12 تبديليون ڪري ورتيون آهن.