برج ٽائون (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ جاري ٽيسٽ سيريز جي پهرين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ٽي وي امپائر ايڊرين هولڊ اسٽاڪ تي ويسٽ انڊين ڪپتان روسٽن چيئز کي تڪراري آئوٽ قرار ڏيڻ تي ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي. ميچ دوران امپائرنگ بابت اڳ ئي ڪيترائي تڪراري فيصلا سامهون آيا هئا. پهرين ڏينهن آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ کي پختا ثبوت نه هئڻ جي بنياد تي ”ڪاٽ بي هائينڊ“ جي اپيل تي ناٽ آئوٽ قرار ڏنو ويو. ٻئي ڏينهن روسٽن چيئز جي ايل بي ڊبليو اپيل تي به کيس ناٽ آئوٽ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ري پلي ۾ صاف نظر اچي رهيو هو ته بال سڌو پيڊ تي لڳو آهي. ويسٽ انڊيز جي اننگز جي 50هين اوور ۾ پيٽ ڪمنز جي بال تي روسٽن چيئز کي آئوٽ قرار ڏنو ويو. چيئز فيصلي خلاف ترت نثرثاني( ريويو) جي اپيل ڪئي، ري پلي دوران آواز ۽ تصوير ۾ هم آهنگي نه هئڻ سبب صورتحال غير واضح رهي. ٽي وي امپائر بال ۽ بيٽ جي وچ ۾ فاصلو محسوس ڪري اهو نتيجو ڪڍيو ته بال بيٽ کي ناهي لڳو، پر پوءِ بال ٽريڪنگ جي ٽنهي مرحلن تي ڳاڙهو نشان ظاهر ٿيڻ سبب روسٽن چيئز کي آئوٽ قرار ڏنو ويو. ان کانپوءِ ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ ڪامنٽيٽر آئن بشپ فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي. هن چيو ته هو نه رڳو فيصلي سان پر ٽيڪنالاجي سان به اختلاف ڪري ٿو، سندس خيال آهي ته بال بيٽ سان لڳو هو پر فيصلي ۾ ان کي نظرانداز ڪيو ويو. ان کانسواءِ ويسٽ انڊين ٽيم جي موجوده هيڊ ڪوچ ڊيرن سيمي پڻ خراب امپائرنگ تي سوال اُٿاريا آهن.