سڊني(انٽرسٽنگ نيوز) آسٽريليا جي اتر رين فارسٽ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ڏيڏر هٿ آيو آهي جنهن کي ڏسي اختياريون به حيران رهجي ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڪوئنز لينڊ ڊپارٽمينٽ آف انوائرمنٽ اينڊ سائنس جي اختيارين کي هڪ اهڙو ڏيڏڙ هٿ لڳو آهي جنهن کي دنيا جي سڀ کان وڏي ڏيڏرطور ڳڻيون وڃي ٿو ۽ ان ڏيڏر جو تعلق کين ٽوڊ جي نسل سان آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ان مانسٽر جهڙي مينڊڪ جو نالو ٽوڊزيلا رکيو ويو آهي جيڪو پنهنجي نسل کان 6 ڀيرا وڌيڪ وڏو آهي، ان جو وزن 2.7 ڪلو ٻڌايو پيو وڃي. ميڊيا رپورٽن موجب اختيارين ٽوڊزيلا کي جهنگ مان ڪڍي محفوظ ڪري ورتو آهي ۽ ان کي فٽبال جيان نظر ايندڙ ڏيڏر چيو پيو وڃي ۽ ان کي ڪوئنز لينڊ ميوزيم ۾ موڪليو ويندو. اختيارين موجب وزن جي حساب سان هي هڪ نئون رڪارڊ بڻائي سگهي ٿو ڇوته 1991ع ۾ گنيز ورلڊ رڪارڊ سوئيڊن ۾ پرنسن نالي ڏيڏر وٽ هو جنهن جو وزن 2.65 ڪلو هو.