ميلبورن (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ آسٽريليا پنهنجي هوم انٽرنيشنل سيزن جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.هن سيزن ۾ آسٽريليا جي 11 شهرن جي 14 مختلف اسٽيڊيمز ۾ انٽرنيشنل ميچون ٿينديون.ڏکڻ آفريڪا، ڀارت ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آسٽريليا جو دورو ڪنديون. ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز 10 آگسٽ کان شروع ٿيندي.آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي، پهرين ون ڊي 19 آڪٽوبر تي پرٿ، ٻي 23 آڪٽوبر تي ايڊيليڊ ۽ ٽيون 25 آڪٽوبر تي سڊني ۾ کيڏيو ويندو.بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري ۾ ون ڊي ميچ نه کيڏڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، اهڙو فيصلو ڇو ڪيو ويو؟بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري ۾ ون ڊي ميچ نه کيڏڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيسر موجب مستقبل جي ٽور پروگرام جي سيريز ٽي 20 ميچن تي مشتمل هوندي، ان سيريز ۾ ون ڊي ميچون نه ٿينديون پر سڀئي ٽي 20 ميچون هونديون.ٻڌايو ويو آهي ته اهو فيصلو ٽي 20 ايشيا ڪپ ۽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تيارين سبب ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته ايشيا ڪپ 2025ع جي ميزباني ڀارت کي ڪرڻي آهي جڏهن ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026ع جي گڏيل ميزباني ڀارت ۽ سريلنڪا ڪري رهيا آهن.