ڪيشينائو (م ڊ) اوڀر يورپي ملڪ مالدووا جي عورت صدر مايا ساندو جي ڪتي آسٽريليا جي صدر اليگزينڊر وين ڊير بيلن کي ان وقت ڏاڙهي وڌو جڏهن ٻئي اڳواڻ ملاقات کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا. پرڏيهي خابرو اداري موجب آسٽريليا جو صدر اليگزينڊر وين ڊير بيلن سرڪاري دوري تي مالدووا پهتو آهي، جتي هن صدر مايا ساندو سان ملاقات ئي. سلو وينيا جي صدر به ان موقعي تي موجود هئي. ٽنهي اڳواڻن ملاقات دوران يوڪرين ۽ رومانيا وچ ۾ تڪرار تي به ڳالهايو ۽ مالدووا جي ان تڪرار ۾ ڪردار تي ڳالهه ٻول ٿي. ان موقعي تي آسٽريلي صدر مالدووا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر سان ملاقات لاءِ پهتو ته هڪ زخم جي ڪري سندس هٿ تي پٽي ٻڌل هئي، جنهن جي آسٽريلوي صدر ڪا وضاحت نه ڏني. پر ميڊيا ۾ مالدووا جي عورت صدر مايا ساندو جو هڪ بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن معذرت ڪندي چيو ته ملاقات دوران سندس پاليل ڪتي آسٽريلوي صدر جي هٿ تي چڪ پاتو.