بينگلور (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ارڙهين ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 62 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. آسٽريلوي بيٽرز پاڪستاني بالرن کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو، ڪينگروز گرين شرٽس کي کٽڻ لاءِ 367 رنسن جو جبل جيڏو هدف ڏئي ڇڏيو.بئنگلور جي چنا سوامي اسٽيڊيم ۾ جاري ميچ ۾ ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان آسٽريلوي ڪپتان پئٽ ڪمنز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. آسٽريليا پهريان کيڏيندي مقرر 50 اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 367 رنسون ٺاهيون، ڪينگروز طرفان ڊيوڊ وارنر 163 ۽ مچل مارش 121 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي . پاڪستان جي شاهين آفريدي پنج ۽ حارث سهيل ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون. 368  رنز جو هدف ملڻ بعد پاڪستاني ٽيم 45.3 اوورز ۾ 305 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي، پاڪستاني بيٽر امام الحق 70 ۽ عبدالله شفيق 64 رنز جي اننگز کيڏي جڏهن ته ٻيا رانديگر آسٽريلوي بالرز کي منهن نه ڏئي سگهيا ۽ پوري ٽيم 305 رنسن تي  آل آئوٽ ٿي وئي.