ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ پاڪستاني نسل جي آسٽريلوي شهري شير افضل خان پاران ملڪيت تي قبضي خلاف پريس ڪانفرنس. شير افضل چيو ته منهنجي ملڪيت تي منهنجي ڀائٽين جعلسازي ڪري قبضو ڪيو آهي. ايس ايچ او پاران منهنجو ڪيس ڪمزور ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جڏهن ته ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري منهنجي ملڪيت جو قبضو واپس ڪرائڻ لاءِ مون کان 10 لک رپيا رشوت گهري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪيترائي سال آسٽريليا ۾ رهڻ کانپوءِ هن سال جي شروعات ۾ واپس آيس ته خبر پئي منهنجي ڀائٽي عمران خان مون سميت منهنجي ڀائرن جي ملڪيتن تي قبضو ڪري ورتو آهي. جنهن جو اطلاع مون غريب آباد ٿاڻي جي ايس ايچ او امتياز جوڻيجو کي ڏنو ۽ اين سي پڻ داخل ڪرائي پر ايس ايچ او منهنجو ڪيس ڪمزور ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو جنهن تي عدالت مان منهنجي ڀائٽي کي رليف مليو. هن چيو ته دوستن سان گڏجي ايس ايچ او جي دانهن کڻي ايس ايس پي ميرپورخاص وٽ پهتس ته هن مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ 10 لک رپيا رشوت گهري آهي. هن نگران حڪومت کان ملڪيت تان قبضو ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.