اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ شيرافضل مروت چيو آهي ته هڪ سال ۾ 3 ڀيرا اڳوڻو رهي چڪو آهيان، الله نه ڪري ته علي امين گنڊاپور کان ڪرسي به کسي وڃي، خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته آزمائشون مستقبل ۾ اچي رهيون آهن، جيڪي ماڻهو پارٽي يا ليڊر سان غداري ڪن عوام ان کي پسند نٿو ڪري، شيرافضل جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪي فارورڊ بلاڪ ٺاهيندڙ وقتي ضرورت ته پوري ڪري سگهن ٿا پر ان جا ڊگهي عرصي لاءِ نتيجا نه نڪرندا. وڏي وزير بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارٽي لاءِ علي امين وڏو ڪردار ادا ڪيو، الله نه ڪري ته ان شخص کان ڪرسي کسي وڃي، علي امين پارٽي ۾ خوشامدي ناهي، ان جو قصور هميشه اهو ئي رهندو آهي ته پارٽي لاءِ اهو ڪجهه ڪري ويندو آهي، جنهن جو چيو به نه ويندو آهي.