اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان آزاد ڪشمير جي انهن علائقن کي پرڏيهي ميڊيا لاءِکولي ڇڏيو جتي ڀارت دهشتگردي جون ڪيمپون هجڻ جو الزام لڳايو هو. پاڪستان ملڪي ۽ غيرملڪي ميڊيا کي انهن علائقن ۾ وٺي ويو جن ۾ ڪيل، سردي، دوڌنيال، اٺ مقام، جورا، ليپا، پڇيبان، فارورڊ ڪهوٽا، ڪوٽلي، کوئي رٽا، مينڍر، نڪيل، چمن ڪوٽ ۽ جان ڪوٽ شامل آهن. ميڊيا کي اڄ به علائقي جو دورو ڪرايو ويندو. سيڪورٽي ذريعن موجب ڀارت جن علائقن ۾ دهشتگردي جون ڪيمپون هجڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي اتي جارحيت جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو.