آزاد ڪشمير جي الڪيشن شفاف ٿي ته پ پ ڪلين سوئپ ڪندي: يوسف رضا گيلاني

0
128

ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي الڪيشن شفاف ٿي ته پ پ ڪلين سوئپ ڪندي، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن امت مسله کي عيد جون واڌايون ڏنيون، پ پ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته حڪومت کي هلائڻ هنن جي وس جي ڳالهه نه آهي، افغان سفير جي ڌيءَ جي گمشدگي بري خبر آهي، جاچ جاري آهي، اميد آهي ته جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون، يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته ڪابل جون حالتون ٺيڪ ٿينديون ته اسلام آباد جون به حالتون بهتر ٿينديون، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت ظلم ڪري رهيو آهي.