مظفرآباد  (م ڊ): آزاد ڪشمير جي وزيراعظم بيرسٽر سلطان پاران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان بغاوت کان پوءِ قانونساز اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ جنگ دلچسپ صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. آزاد ڪشمير جي وقتي وزيراعظم خواجه فاروق احمد پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته اسان کي 27 کان وڌيڪ ميمبرن جي حمايت آهي. اسان جي ٻن اسيمبلي ميمبرن کي اغوا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مون ان بابت ايس ايس پي کان به ڄاڻ ورتي آهي. ايس ايس پي چيو ته هو انهن کي صدر هائوس کڻي ويا آهن. پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪنداسين. آزاد ڪشمير جي وقتي وزيراعظم خواجه فاروق احمد چيو ته  رياست جي صدر لاءِ ورتل گاڏي جي خريداري ممڪن ناهي. رياست هن وقت اهڙي خريداري برداشت نٿي ڪري سگهي. خواجه فاروق احمد 62 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ خرچ کان لاعلمي جو اطهار ڪندي چيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جو سيڪريٽ فنڊ 3 ڪروڙ روپيه هوندو آهي. ياد رهي ته آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزير سردار تنوير الياس پنهنجو وزيراعظم آڻڻ چاهي ٿو جڏهن ته صدر بيرسٽر سلطان محمود آزاد ڪشمير ۾ پنهنجو وزيراعظم آڻڻ جو خواهشمند آهي. پي ٽي آءِ جي ٻن ڌڙن  ۾ ورهائجڻ کان پوءِ مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي به آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي ۾ پنهنجو وزيراعظم آڻڻ جي لاءِ جوڙ ٽوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي.