ڪراچي (م ڊ) “آزاد قبيلو” جي ميمبر پاران ڪراچي ۾ آصف زرداري ۽ متحده اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ڪرائي وئي، تجزئي نگار حامد مير پنهنجي ٽي وي پروگرام دوران دعويٰ ڪئي ته آزاد قبيلي جي هڪ ميمبر محسن نقوي ڪراچي ۾ آصف زرداري جي ايم ڪيو ايم سان ملاقات ڪرائي، آزاد قبيلي جو ميمبر ان ملاقات ۾ موجود هو، ان سان ن ليگ کي ڪو مسئلو ته نه ٿيندو؟ واضح رهي ته ن ليگ اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو هو ته فيصل واوڊا، انوارالحق ڪاڪڙ ۽ محسن نقوي هڪ ئي قبيلي جا ماڻهو آهن ۽ محمد اورنگزيب کي به ان قبيلي ۾ ڳڻيو ويندو آهي، جنهن تي فيصل واوڊا چيو هو ته هي وڏو مشهور آزاد قبيلو آهي، ان ۾ فيصلا وڏا جلدي ٿيندا آهن، ڏينهن ڏٺي ٿيندا آهن رات جو فيصلا ناهن ٿيندا، ڪڏهن ڪڏهن سخت فيصلا به ٿي ويندا آهن، هن قبيلي کي جيتري عزت ڏني وڃي جيترو ويجهو رهجي اوترو فائدي ۾ آهي. ٽي وي پروگرام ۾ پ پ ۽ متحده جي ملاقات بابت سوال تي ن ليگ اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو ته ان سان ڪو به مسئلو نه ٿيندو، اهي اسان جا اتحادي آهن، واوڊا پنهنجي قبيلي جو نالو آزاد رکيو آهي ته اسان کي ان تي ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو، آزاد قبيلي ۾ اها صلاحيت ۽ گنجائش آهي، جيڪڏهن محسن نقوي ملاقات ڪرائي آهي ته واوڊا به ٻنهي پارٽين پ پ ۽ متحده جي حمايت حاصل ڪئي هئي، يعني آزاد قبيلي اڳ به اسان جي ٻنهي اتحادين کي گڏ ڪيو هو، اهي ڪراچي تي ٻنهي جا اختلاف ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته اهو به وفاق ۽ وفاقي حڪومت لاءِ  وڌيڪ سٺو عمل هوندو، آزاد قبيلي سان معاملا درست انداز ۾ هلي رهيا آهن.