مٺي (رپورٽر) پيپلزپارٽي ٿرپارڪر جي ناراض اڳواڻ ۽ پ پ پ اميدوارن سامهون پي ٽي آءِ سان اتحاد ۾ چونڊ وڙھندڙمحمد خان لنڊ چيو آهي ته بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جي نظرياتي ورڪرن کي نظر انداز ڪري ديوار سان لڳائڻ تي منھنجي بلدياتي اليڪشن   آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ اليڪشن  وڙهڻ تي انتقامي ڪاررواين جي شروعات ڪئي وئي آهي، منھنجي پٽ روينيو کاتي ۾ 9 گريڊ جي اياز لطيف کي جيڪب آباد بدلي ڪيو ويو آهي، يوسي سطح جي ننڍن ملازمن کي ھيلٿ کاتي ۾ ننگرپارڪر بدلي ڪيو ويو آهي ۽ ڪلوئي پوليس ھٿان منھنجي حمايتي ماڻھن کي هراسان ڪيو پيو وڃي، ھن چيو تہ   جيڪڏھن انتقامي ڪاروايون بند نہ ڪيون ويون تہ سخت عوامي ردعمل اچي سگھي ٿو.