ڳالھ هڪ واقعي کان شروع ڪجي ٿي ڀارت جي رياست ڪرناٽڪ ۾ هڪ چيتو پنهنجي بک مٽائڻ لاءِ هڪ ڪتي جو پيڇو ڪري رهيو هو. ڪتو ڀڄندو ڀڄندو هڪ سرڪاري ريسٽ هائوس جي بيت الخلا جي دري مان اندر ٽپي پيو، جنهن جو دروازو ٻاهران بند هو. چيتو بہ ڪتي جي پٺيان اندر داخل ٿي ويو پر پوءِ ٻئي اتي ڦاسي پيا. ڪتو چيتي کي ڏسي خاموشي سان هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيو ۽ انتظار ڪندو رهيو تہ ڪڏهن ٿو چيتو کيس پنهنجو گره بڻائي، ٻئي جانور لڳ ڀڳ ٻارنهن ڪلاڪن تائين هڪ ئي جاءِ تي الڳ الڳ ڪنڊن ۾ ويٺا رهيا. پوءِ جهنگلات کاتي جي ٽيم اچي ٽرنڪولائزر ڊارٽ (بيهوش ڪندڙ سُئي) جو استعمال ڪري چيتي کي قابو ڪيو ۽ ان کي آزاد ڪيو. هاڻي سوال هي آهي تہ بکايل چيتو جنهن ڪتي جو پيڇو بہ ان کي شڪار ڪرڻ لاءِ ڪيو هو سو سولائي سان اندر اهو ڪم ڪري پئي سگهيو تہ پوءِ هن ڪتي کي ڇو نہ کاڌو؟ ان بابت جهنگلي حيات جي ماهرن جو چوڻ آهي: جهنگلي جانور آزاديءَ لاءِ انتهائي حساس هوندا آهن. جيئن ئي انهن کي اهو احساس ٿيندو آهي تہ انهن جي آزادي کسجي وئي آهي، هو ايترو تہ شديد ذھني دٻاءُ محسوس ڪندا آهن جو انهن کان اڃ ۽ بک وسري ويندي آهي ۽ صرف کين آزاديء جي ڳڻتي ورائي ويندي آهي، تنهنڪري چيتي ڪتي کي ڪجھ نہ ڪيو.
جانورن جي آزادي ۽ بقا جي وچ ۾ توازن هڪ اهم موضوع آهي جنهن تي ماهرن مختلف مشاهدا ۽ تجربا ڪيا آهن. عام طور تي جانور ٻن بنيادي جبلتن تي عمل ڪندا آهن. هڪ بقا (Survival) ۽ آزادي (Autonomy) انهن جبلتن جي شدت حالتن تي ڀاڙي ٿي.
آزادي بمقابلا بقا
جانور فطري طور تي آزادي پسند آهن خاص طور تي اهي جن کي جهنگ جي ماحول ۾ آزاديءَ سان گهمڻ ۽ پنهنجن علائقن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي عادت هوندي آهي. اهي جيڪڏهن قيد ۾ هجن تہ انهن کي نفسياتي دٻاءُ (stress) ۽ بيچيني (anxiety) محسوس ٿي سگهي ٿي پر جيڪڏهن کاڌي جي کوٽ ٿئي تہ بقا جي جبلت وڌيڪ متحرڪ ٿي وڃي ٿي ۽ آزادي جي خواهش ٿوري دير لاءِ پوئتي ٿي سگهي ٿي.
تجربا ۽ ماهرن جا مشاهدا
سائنسدانن جانورن تي تجربا ڪيا آهن جن مان خبر پئي آهي تہ ڪيترائي جانور آزاديءَ کي خوراڪ تي ترجيح ڏين ٿا، خاص طور تي اهي جيڪي جهنگلي ماحول مان آيل هجن. مثال طور ڪوئن (rats) تي ٿيل تجربن ۾ ڏٺو ويو آهي تہ جيڪڏهن انهن کي کاڌو ملي ٿو پر ساڳئي وقت هڪ دروازي ذريعي آزادي جو موقعو بہ هجي تہ اهي آزاديءَ کي ترجيح ڏين ٿا. ٻيا تجربا پکين لومڙين(foxes) ۽ وڏن جانورن جهڙوڪ هاٿي تي بہ ڪيا ويا ۽ خبر پئي تہ جانور، خاص طور تي جيڪي سماجي هوندا آهن آزاديءَ کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن.
قيد ۽ آزادي جا نفسياتي اثر:
جانورن ۾ “ڪيپٽيويٽي اسٽريس (Captivity Stress)” ٿيندو آهي جنهن جي ڪري انهن جو رويي خراب ٿي سگهي ٿو جهڙوڪ بار بار قيدخاني جي ڀتين سان ٽڪرائڻ يا بي مقصد حرڪتون ڪرڻ…بکايل جانور اڳ ۾ تہ خوراڪ ڏانهن مائل ٿيندو آهي پر جڏهن کاڌو موجود هوندو آهي تہ پوءِ منجهس آزاديءَ جي خواهش ٻيهر اڀرندي آهي. ماهرن جو خيال آهي ته آزادي جانورن لاءِ انساني تصورن کان وڌيڪ اهم هجي ٿي. جانورن لاءِ آزادي ۽ خوراڪ ٻئي اهم آهن پر ٿوري وقت لاءِ بقا اهم بڻجي وڃي ٿي ۽ وڌيڪ عرصي لاءِ آزادي جي جبلت غالب ٿي وڃي ٿي خاص طور تي جهنگلي جانورن لاءِ جيڪي قيد کي وڏي اذيت سمجهن ٿا.
انسانن جو بقا ۽ آزادي بابت رويو:
انسان بہ جانورن وانگر ٻن بنيادي جبلتن تي هلندو آهي هڪ آزادي (Freedom) ۽ بقا (Survival) پر انساني رويو وڌيڪ پيچيده هوندو آهي ڇاڪاڻ تہ ان تي ثقافتي، سماجي، سياسي، ۽ نفسياتي عنصر بہ اثرانداز ٿيندا آهن.
آزادي بمقابلا بقا: تاريخي ۽ نفسياتي پهلو
انسانن جي آزاديءَ جي خواهش ۽ بقا جي جبلت ۾ سدائين تڪرار رهيو آهي جيڪڏهن زندگيءَ کي خطرو هجي تہ ماڻهو آزاديءَ تي سمجهوتو ڪري سگهي ٿو پر جيڪڏهن بنيادي ضرورتون پوريون ٿين تہ آزاديءَ لاءِ جدوجهد تيار ڪري سگهي ٿو. (انساني نفسيات جي حوالي سان) مسلوُ جي هيرارڪي (Maslow’s Hierarchy of Needs): آمريڪي نفسياتدان ابراهيم مسلوُ (Abraham Maslow) جي نظرئي مطابق ماڻهو پهريان بنيادي ضرورتون جهڙوڪ کاڌو، پاڻي، ۽ سيڪيورٽي کي ترجيح ڏيندو آهي آزاديءَ جو تصور عام طور تي انهن مرحلن کان پوءِ ايندو آهي جڏهن ماڻهو محفوظ محسوس ڪندو آهي.
جنگي حالتن ۽ آمريت دوران:
تاريخ شاهد آهي تہ ڪيترن ئي قومن آمريتن يا غيرانساني حالتن کي قبول ڪيو صرف ان ڪري جو انهن لاءِ بقا آزاديءَ کان وڌيڪ اهم بڻجي وئي (جهڙوڪ غلاميءَ جو دور، فوجي حڪومتون، وغيره).
ڇا ڪي انساني قومون يا نسل ٻين کان وڌيڪ آزادي پسند آهن؟
تاريخي طور تي ڪجهه قومون ٻين جي مقابلي ۾ آزاديءَ لاءِ وڌيڪ وڙهيون آهن مثال طور فرانسيسي، آمريڪي، ويٽنامي، روسي ۽ چيني پر ان جي باوجود ثقافتي فرق ۽ حالتن جي بہ اهميت آهي مغربي دنيا ۾ فرد جي آزادي اهم سمجهي وڃي ٿي جڏهن تہ مشرقي دنيا ۽ روايتي سماجن ۾ اجتماعي استحڪام کي فرد جي آزاديء کان وڌيڪ ترجيح ڏني وڃي ٿي. جيئن اسان جي سماجن ۾ اهو سيکاريو ويندو آهي ته فرد جي آزاديء کان وڌيڪ خاندان، ذات پات ۽ ڪڙم قبيلي جي وڌيڪ اهميت آهي، اهڙي طرح جنگين ۽ آمرانه حڪومتن جي دور ۾ ماڻهن کي اهو سمجهايو ويندو آهي تہ زندگي بچائڻ لاء آزادي تي سمجهوتو ڪرڻ ضروري آهي. ماڻهو پنهنجي بقا کي آزادي تي ترجيح ڏيندو آهي. ڪرونا جي وبا وقت حڪومتن انساني آزادي کي محدود ڪري ڇڏيو هو ته جيئن انهن جي زندگي بچائي سگهجي. جنهن مان اها ڳالھ ثابت ٿئي ٿي تہ انسانن جي اڪثريت پنهنجي بقا کي آزاديء کان وڌيڪ اهم سمجهي ٿي.. جيڪڏهن ڳالھ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي موجوده حالتن متعلق ڪجي تہ سنڌي قوم جي جينياتي بناوت مختلف نسلن جي ميلاپ جو نتيجو آهي جيڪو انهن جي ثقافتي ۽ تاريخي ورثي کي ظاهر ڪري ٿو. جن گروهن يا قومن جي جينياتي بيهڪ مختلف نسلن جي ماڻهن تي مشتمل هوندي آهي، تن ۾ وڌيڪ نفسياتي پيچيدگيون هونديون آهن. جهڙوڪ سڃاڻپ سنڌي ماڻهن ۾ سڃاڻپ وڏو نفسياتي مسئلو رهي آهي. هتان جا ماڻهو پنهنجي ذات پات جي باري ۾ تمام حساس آهن منجهن هڪٻئي جي باري ۾ نفسياتي لچڪ ۽ سماجي قبوليت گهٽ رهي آهي. هڪ ئي خطي ۾ صديون گڏ رهڻ باوجود هو ذاتي سڃاڻپ جي باري ۾ ايتر حساس آهن، جو هڪ ذات وارو پاڻ کي ٻئي ذات کان وڌيڪ اتم سمجهي ٿو اهو ئي سبب آهي جو هو صدين کان ڌارين هٿان پيڙبا رهيا آهن پر پنهنجي سڃاڻپ جي حساسيت سبب هو هڪ قوم جي شڪل وٺي نه سگهيا آهن. حالانڪه ڪيترن سالن کان پنهنجي سنڌي هجڻ جو ثقافتي ڏهاڙو بہ ملهائيندا اچن پيا پر پوء بہ هو ان ذات پرستي واري عارضي ۾ مبتلا آهن ۽ پنهنجي بقا کي پنهنجي مجموعي قومي مفادن تي ترجيح ڏين ٿا پر جيڪڏهن هو ان سڃاڻپ واري احساس ڪمتريء مان نڪري سنڌ خطي ۾ رهندڙ مجموعي قوم طور پنهنجي گڏيل مفادن جو تحفظ ڪن تہ ڪنهن به ڌارئي ۾ همت ڪونہ ٿيندي جو سندن وسيلن جي ڦرلٽ ڪري سگهي..!!