ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي اهم ميچ ۾ اڄ پاڪستان ۽ سريلنڪا آمهون سامهون ٿيندا، هارايل ٽيم واپسي جي ٽڪيٽ وٺندي جڏهن ته اڄوڪي ميچ کٽيندڙ ٽيم 17 سيپٽمبر تي هندستان سان فائنل ميچ کيڏندي، قومي ٽيم ۾ 5 تبديليون ڪيون آهن، فخر زمان، سلمان آغا، فهيم اشرف، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف کي سريلنڪا خلاف ميچ ۾ آرام ڪرايو ويندو. سندن جاءِ تي محمد حارث، سعود شڪيل، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر ۽ زمان خان کي کنيو ويو آهي.  ڪولمبو ۾ برسات جا امڪان وڌيڪ آهي، گذريل ميچون به ڪولمبو ۾ ٿيون هيون ته برسات رُڪي ئي نه پئي اڄ به 86 سيڪڙو برسات جا امڪان آهن. پاڪستاني ٽيم تي خطرن جا ڪڪر اڃا ٽريا ناهن، برسات سبب راند نه ٿي سگهي ته ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ملندو،  پاڪستان ۽ سريلنڪا جون 3 – 3 پوائنٽون ٿينديون، پر رن ريٽ تي نظر وجهڻ سان سريلنڪا جي ٽيم پاڪستان کان اڳيان آهي ۽ پوءِ سريلنڪا ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويندو.