ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽر يزويندر چاهل ۽ آر جي مهوش جي ڊيٽنگ جي افواهن کان پوءِ مهوش يزويندر کي پنهنجو هيرو بڻائڻ جي آڇ ڪئي آهي.يوزويندر چاهل کي دبئي ۾ چيمپئنز ٽرافي 2025 جي فائنل دوران آر جي مهوش سان اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسندي ڏٺو ويو هو.ڀارت جي فتح کانپوءِ آر جي مهوش انسٽاگرام تي هڪ وڊيو پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ دبئي اسٽيڊيم ۾ يوزويندر چاهل سان گڏ ڀارتي ٽيم جي فتح جو جشن ملهائي رهي هئي.آر جي مهوش وڊيو سان گڏ ڪيپشن ۾ لکيو هو ته ”ڪها ٿا نا، جتوا ڪي آئون گي، مان ڀارتي ٽيم جو ’گڊ لڪ‘ آهيان.هڪ تازو انسٽاگرام پوسٽ ۾، يوزويندر چاهل شاهه رخ خان جي مشهور فلم ”ڪبهي خوشي ڪبهي غم“ جو هڪ مشهور منظر مزاحيه انداز سان ٻيهر ٺاهي هولي ملهائي .پوسٽ جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته، ‘ ڪبهي خوشي ڪبهي غم، فيچرڊ باءِ يوزي ڀائي، توهان سڀني کي رنگين هولي جي مبارڪباد’.تبصري سيڪشن ۾ مهوش به مزاحيه انداز ۾ هڪ تبصرو لکيو ۽ يوزويندر چاهل کان پڇيو ته ”سائين! منهنجي ايندڙ فلم ۾ تون مرڪزي ڪردار ادا ڪندين.