ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي جي احتساب عدالت آر بي او ڊي ٽُو اسڪينڊل ۾ ملوث تڏهوڪي چيف انجنيئر سوڌو 46 ڄڻن جون ضمانتون رد ڪندي کين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ اڳوڻي چيف انجنيئر منور بوزدار، سندس زال نسيم منور بوزدار، سندس ڀاءُ قربان بوزدار، تڏهوڪي سپرنٽينڊنگ انجنيئر وقار قادري، سندس زال فرح ديبا وقار، تڏهوڪي سپرنٽينڊنگ انجنيئر عمران شيخ، تڏهوڪي ايڪسين فهيم سومرو، سندس ٻن زالن ڪِرن فهيم ۽ مھوش فهيم، امڙ زاهده پنهل سومرو، پٽ حسن سومرو، ٺيڪيدارن سيده منيزه ڪاظمي، فاروق ڊومڪي، حسنين مغل، منظور سميجو، سيد ڀورل شاهه سميت آبپاشي کاتي جي مختلف ڪلارڪن، پٽيوالن۽ بيلدارن کي گرفتار ڪري جيل موڪلڻ جوحڪم ڏنو ويو آهي.