حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) نيب آر بي او ڊي ٽو جي تعمير ۾ اربين رپين جي ٿيل ڪرپشن جي جاچ مڪمل ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد نيب چيئرمين جي منظوري کانپوءِ حيدرآباد ۾ قائم احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) ڪراچي آر بي او ڊي ٽو جي تعمير ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي جاچ مڪمل ڪري ڇڏي آهي ۽ جاچ دوران منصوبي ۾ 3 ارب 50 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف سامهون آيو آهي. نيب ذريعن موجب ڄاڻايل ڪرپشن ۾ آر بي او ڊي 2 منصوبي سان لاڳاپيل عملدار ٺيڪيدار ۽ سندن فرنٽ مين جو ڪردار سامهون آيو آهي جن جو تعداد 40 کان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي جن جا ريفرنس ۾ نالا نامزد ڪيا ويندا. نيب ذريعن ميگا ڪرپشن جي جاچ مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان تصديق ڪندي ٻڌايو ته ريفرنس تيار ٿي چڪو آهي جيڪو هاڻي منظوري لاءِ نيب چيئرمين ڪراچي جي ٽيبل تي پيل آهي ۽ جيئن ئي منظوري ملندي ان بعد ان ميگاڪرپشن جو ريفرنس احتساب عدالت حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويندو.