ڪراچي:  سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو  وفاقي منصوبي آر بي او ڊي ون ۽ ٿري بابت چيو آهي ته وفاقي حڪومت جا آر بي او ڊي ون ۽ ٿري منصوبا اڻپورا آهن، جنهن سبب ايشيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر تباھ ٿي وئي آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڄاڻايل  منصوبي لاءِ مون 11 جون 2024ع تي واپڊا کي خط به لکيو ته 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏن کانپوءِ هي منصوبو مڪمل طور تباھ ٿي ويو آهي، ڄاڻايل منصوبي کي نئين سر تعمير  ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت به مختلف فورمن تي وفاق آڏو احتجاج ڪيو. هن چيو ته سيوهڻ کان ٺٽي (سمنڊ) تائين آر بي او ڊي-2 منصوبو پرويز مشرف دور ۾ شروع ڪيو ويو هو. هي منصوبو 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ ۾ تباھ ٿي چڪو آهي هن چيو ته واپڊا جي ايل بي او ڊي يا آر بي او ڊي منصوبن سنڌ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. ان منصوبن جي غلط پلاننگ سبب سنڌ صوبي کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، آر بي او ڊي 1 ۽ 3 جي ناقص منصوبابندي سبب ڪيترن ئي هنڌن تي گھارا پيا آهن، جنهن سبب سنڌ جي زراعت ۽ شهرن کي به نقصان پهتو آهي، انهن منصوبن جي مرمت جي ذميواري واپڊا جي هئي پر مرمت جو ڪم سنڌ حڪومت ڪرائي رهي آهي.