سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب ڪراچي احتساب عدالت ۾ آربي او ڊي فيز ٽو ۾ ٿيل ڪرپشن جي پروگريس رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. نيب حيدرآباد 18 مارچ تي رپورٽ ڏيندو. نيب حيدرآباد ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتي سنڌ پاران 2020ع سن کان سمنڊ تائين آربي او ڊي ٽو رٿا ۾ 2017ع کان 2019ع دوران فنڊن ۾ غبن جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جيڪو بعد ۾ نيب ڪورٽ ڏانهن موڪليو ويو هو. جنهن جي چيئرمين نيب 5 جولاءِ 2021ع تي انڪوائري جي اجازت ڏني هئي. انڪوائري ۾ سامهون آيو آهي ته آبپاشي جي عملي مان آصف علي برهماڻي، فرقان ميمڻ، نظر علي، نياز حسين گوندل، عطاءُ الله چنا ۽ وقار حسين گوندل جوابدار ۽ ٻين ٺيڪيدارن سيد ڀورل شاهه بخاري، منظور احمد سميجي ۽ حسنين علي مغل کان لڳ ڀڳ هڪ ارب رپيا ورتا. ان حوالي سان انهن کي بيان لاءِ نوٽيس به موڪليا ويا. بيان لاءِ نه ايندڙ عطاءُ الله چني کانسواءِ ٻين سڀني جا بيان به ريڪارڊ ڪيا ويا. تڏهوڪي ايگزيڪيوٽو انجنيئر جوابدار محمد فهيم سومري زال ڪرن سومرو، ماءُ ۽ ٻين عزيزن جوابدارن فاروق علي ڊومڪي ۽ منظور علي سولنگيءَ کان ڪروڙين رپيا ورتا. انهن کي لکت ۾ جاچ لاءِ گهرايو ويو پر اهي ڪنهن به نوٽيس تي نه آيا. انهن کانسواءِ وقار احمد قادري عرف عبدالحسين قادري (سهري) ۽ سندس زال فرح به ساٿي جوابدار/ٺيڪيدار فاروق علي ڊومڪي کان ڪروڙين رپيا ورتا، اهي به بيان ڏيڻ نه آيا. نيب ڪورٽ حيدرآباد ٽي ۾ جمع ڪرايل پروگريس رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ان حوالي سان ٺيڪن جا ڪاغذ پٽ به جاچيا ويا. ڪجهه جوابدارن اڃا تائين پنهنجو جواب ناهي ڏنو ان ڪري جوابدار وقار احمد قادري ۽ محمد فهيم سومري کي هدايت ڪئي وڃي ته اهي بيان ريڪارڊ ڪرائين جيئن جاچ مڪمل ٿي سگهي.