عمرڪوٽ:عمرڪوٽ ضلعي ۾ موجود 65 آر او پلانٽن جي سار سنڀال لاء ڪُل 80 ملازم ڪانٽريڪٽ تي مقرر آھن جن کي ڪچو يا ڪانٽريڪٽي ملازم چيو وڃي ٿو. انھن ۾ آر او آپريٽر طور 73 ڪچا ملازم ۽ چوڪيدار 07 مقرر ٿيل آھن. انھن ملازمن کي 18 ھزار ماھوار جي حساب سان فڪس پگھار ڏني وڃي ٿي پر پبلڪ ھيلٿ کاتي عمرڪوٽ توڙي آر او پلانٽ جي ٺيڪيدارن ڪروڙين روپيا جاري ٿيڻ باوجود انھن 80 ملازمن جون 13 مھينن جون پگھارون ناھن ڏنيون. آر او آپريٽر ۽ چوڪيدار احتجاجي مظاھرا ريليون ڪڍي ڌرڻا ھڻندا رھيا آھن پر انهن جو ڪو به کڙتيل نه نڪتو آهي.