آرھڙ جي اُس مون کي آٿت ڏي ٿي

0
53
آرھڙ جي اُس مون کي آٿت ڏي ٿي

هن وقت جڏھن اسان وٽ آرهڙ جا ڏينهڙا اچي سهڙيا آھن ۽ موسم  سخت گرم آھي ت اتي سياسي پد ب گرم رهيو, سنڌو ندي مان نڪرندڙ نون ڪئنالن واري منصوبي سنڌ جي ماڻھن کي تپائي باه ڪري ڇڏيو. هو سراپا احتجاج رهيا, سنڌ ۾ قومپرست پارٽين ۽ پ پ جي احتجاج هلندي وڪيل ٻٻرلوء جي مقام تي ڌرڻو هيو ,وڪيلن جي اڳواڻي ۾ لڳل ڌرڻي ۾ هر مڪتب فڪر جي ماڻھن جي آمد, ان ڌرڻي کي تمام گهڻي سگھ بخشي, صوبائي حڪومت جي, پنجاب جي شاه راه بند ڪرڻ واري عمل ۾ مظاهرين سان نرمي يا ڇوٽ , مرڪزي حڪومت کي مجبور ڪري وڌو  ت هو سنڌ حڪومت سان ڳالهيون ڪري پنهنجو پاند آجو ڪرائي, ان سلسلي ۾ مرڪزي سرڪار سنڌ حڪومت کي ڳالهين جي آڇ ڪئي, ۽ 24 اپريل شام وزيراعظم شھباز شريف ۽ بلاول ڀٽي زرداري وچ ۾ پ پ جي وفد سميت ملاقات ٿي جنهن ۾ مرڪزي حڪومت پ پ جا مطالبا مڃي ڪئنالن جي  ڪم کي بند ڪري 2 مئي تي سي سي آ جو اجلاس طلب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ يقين ڏياريو ت صوبن جي رضامندي کانسواء سنڌو درياء تي ڪئنال ن ڪڍيا ويندا, مون کي نٽھڻ اس ۾ لڳل ان ڌرڻي تي آزاد نظم جو هي ٽڪرو ياد آيو,

تتل ٻپهري جي تيز اس,

منهنجي مٿي تي هٿ ڦيرائي

مون کي آٿت ڏيئي رهي آھي,

سنڌو ندي تي ڪئنالن جي منصوبي خلاف ن رڳو سنڌ جون قومپرست سياسي ڌريون سراپا احتجاج رهيون , پر هاري ناري, مزدور , زميندار, پورهيت , واپاي , ٻار , ٻڍا توڙي عورتون ب احتجاج ۾ شامل رهيون, ان جو خاص ڪارڻ پاڻي جي شديد کوٽ سبب ڊيلٽا جي تباهي کان ويندي زمينن جو بنجر ٿيڻ آھي, ان حقيقت کان انڪار ڪونهي ت پنجاب جي بالادستي ننڊن صوبن ۾ احساس محرومي پيدا ڪئي آھي, سنڌ توڙي بلوچستان جي مالي وسيلن تي قبضن کان ويندي انهن کي سندن حصي جون نوڪريون ,ترقياتي ڪم ن ڏيڻ  توڙي دريائي پاڻي جي صحيح ورڇ ن ڪرڻ ڪري آھي, احساس محرومي جو شڪار بلوچ جبلن جي چوٽين تي چڙھي رياست خلاف ٿي بيٺا آھن ,جڏھن ت سنڌي ماڻھو روڊن تي وقتن ب وقتن احتجاج ۾ آھن, سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف ٿيندڙ سگهاري احتجاج جهڙو احتجاج اڳي ڪڏھن ب ن ٿيو آھي, ڪالاباغ ڊيم جي منصوبي خلاف ب احتجاج ٿيو هو ۽ ان دوران ب ڪمون شھيد وٽ ڌرڻو لڳو هو, جنهن جي اڳواڻي شھيد بينظير ڀٽو ڪئي هئي, پوء اڳيان هلي اها رٿا دفن ٿي ويئي, ۽ ھيء رٿا ب دفن ٿي ويندي ان ڪري جو, سنڌ جا ماڻھو گذريل ڪيتري وقت کان پاڻي جي وڏي کوٽ کي منهن ڏيندا رهيا آھن, گڏو گڏ ڊيلٽا جي تباهي سندن اکين اڳيان ٿي رهي آھي, هو اهڙي صورتحال ۾ سنڌو درياء کي سڪندي ۽ پاڻ کي مرندي ڏسڻ ن ٿا چاهين ,

سنڌ جي تاريخ ۾ هن کان اڳ ب ڪيترائي درياء مختلف سببن ڪري سڪا آھن, جن ۾ ھاڪڙو , مهراڻ, پٽيهل, ريڻ ندي , گونگڙو, سرسوتي ۽ ٻيا درياء هئا,جيڪي خشڪ ٿي ختم ٿي ويا,آڳاٽن دريائن جي خشڪ ٿيڻ سان اتان جو تهذيبون ب ختم ٿي ويون, شھر ۽ ڳوٺ ب تباه ٿي ويا, زمينون بنجر ٿي ويون پکي ۽ جهنگلي جانور سندن وجود وڃائي ويٺا,اڳ جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ جر جو پاڻي ب ختم ٿي رهيو آھي, يا وري کارو ٿي رهيو آھي,

آئون زمان حال کان ماضي ڏانهن ايئن جمپ ٿو ڏيان جيئن لوڻيلي جي ڍنڍ ۾ ڏنڀرا , ٿيرا۽ ڪرڙا ملاحن جي گهور مهل جمپ ڏيئي ڪڙھيون ٽوڙي وڏي پاڻي ۾ هليا ويندا هئا, ياد ٿو اچي اڄ کان ڪيئي سال اڳ جڏھن پاڻي جام هوندو هو, مڇي ۽ پکي ب جام هوندو هو,ٻين علائقن کي ڇڏي رڳو لوڻيلي جي هيٺائين علائقن ۾ مارچ اپريل تائين پاڻي بيهندو هو, حمل جو ڊھو, لنبري,مکڻ ٻيلو ۽ ٻين هيٺاهين ٻنين ۾ رتڙيا پوکبا هئا, جڏھن اتر ورندا هئا ت هاري لابارا ڪري ڪاٺ جي منجڻين تي ڀريون وجهي کڻي کرن ۾ رکندا هئا, لابارن کان پوء زميندار مڇي جي گهور رکائيندا هئا ڳوٺاڻا ڪڙھيون ۽ رڇ کڻي زمينن ۾ گهور لاء لهندا هئا. جڏھن پاڻي ۾ گهوريندا هئا ت وڏيون مڇيون پن ,ڏير ۽ ناڙي مان سير ڪري ڀڄنديون هيون ت اڳيان رڇ ۾ وڃي ڦاسنديون هيون , رڇن ۾ ڦاسڻ کان پوء پاڻي ۾  ايڏا ت بل ڏينديون هيون جو سارو پاڻي لڙاٽجي ويندو هو, گهور جي ڏينهن مرد گهاتن سان گڏ پاڙي جي ماڇياڻي ماسي حوا ب ڏانٽو ۽ ڪهاڙي کڻي ناڙي واري ٻني ۾ لهي پوندي هئي, جيئن ئي مڇي گهور تي ڀڄندي هئي ت ماسي حوا ڪهاڙي کڻي مڇي جي پٺيان تيز ڊوڙندي هئي , جتي مڇي گاه يا ناڙي جي ٻٿ ۾ بيهندي هئي ت ماسي حوا جي ڪهاڙي مڇي جي پٺي ۾ لڳل هوندي هئي, پوء پاڻي ڳاڙھو رت ٿي ويندو هو , ماسي مڇي جهلي سندس پويان ايندڙ ٻارن کي ڳوڻ ۾ وجهي ڏيندي هئي ۽ ٻارڙا مڇي کڻي سڪي تي وڃي وهندا هئا, ڳوٺائي گهاتن کان زميندار اڌ مڇي ورهائيندا هئا,پر ماسي حوا کان مڇي ن ورهائبي هئي. ڪلاڪ ٻن ۾ ماسي هوا پنج ست ڏنڀرا, ٿيرا, ڪرڙا يا گندڻ ماري ڳوڻ ۾ وجهي کڻي گهر ايندي هئي پوء ان جو گهر وارو يوسف اها مڇي کڻي شھر وڪڻڻ ويندو هو , يوسف مڇي وڪڻي گهر جو سامان آڻيندو هو ۽ ڪجھ مڇي ٻوڙ لاء ب رکندا هئا, هفتو ڏھ ڏينهن لڳاتار گهور کان پوء جڏھن وڏي مڇي مارجي ويندي هئي ت پوء انهن تلائن, ۽ ٻنين ۾ ماسي حوا سان گڏ ڪٿان ڪٿان جون ڪولهياڻيون ب اچي پاڻي۾ لهنديون  هيون, جهولڻين ۽ ننڊن اکن وارن رڇن تي پيون هفتن جا هفتا مڇي گهورينديون هيون, ھاڻي ت ن اهو پاڻي رهيو ن اها مڇي رهي, ن اهي گهاتو رهيا, ن  اها رتڙين جي پوک  ۽ ن ئي اهو سيارو رهيو, سياري ۾ ٻنين جي ڪنڌين کان سرن جون نسريل قطارون هونديون هيون, واهن تي ٻٻرن جون هڙيون, هڙين ۾ ھر وقت ٻوليندڙ پکي هوندا هئا, صبوح ۽  شام جون اهي سڀاڳيون مهلون , اڄ ب  منهنجي وجود ۾ وڏ ڦڙي جيان وسنديون رهيون آھن ,

اب ياد رفتگان ڪي ڀي همت نهين رهي,

يارون ني ڪتني دور بسائي هين بستيان,

ان دور کي ڪيترو ن وقت گذري چڪوآھي دنيا تبديل ٿي چڪي آھي, سوچيان ٿو وقت ڪيڏو ن دوکو ڏيئي هليو ٿو وڃي , اڇا وار اچي ويا, شيڪسپير هڪ هنڌ چيو هو ت ,, وقت زندگيء جو تت آھي, ۽ زندگي وقت لاء هڪ بيوقوف وانگي آھي ۽ وقت جو ساري زندگي تي حاوي آھي, ان لاء ضروري آھي ت اهو ڪٿي بيهجي وڃي,, آئون ماضي ۾ گهڻو ڀٽڪيو آھيان , ٻيهر ساڳي صورتحال تي موٽان ٿو, ۽ چوان ٿو, هن وقت  تيز ڊوڙندڙ زندگي ڄڻ ت ٿڪي اچي ٻٻر لوء جي مقام تي ويٺي آھي, ۽ اڳي جيڪا زندگي ڏينهن جا وڌندڙ پل ۽ رات جون کٽندڙ گهڙيون ايسي جي ڪمرن ۾ لڳل گهڙيالن ۾ ڏسندي هئي سا هن وقت سنڌ ۽ پنجاب جي قومي شاه راه تي صحرا ۾ بيٺل سڪل وڻن مان ڏسي رهي آھي,۽ سنڌ جا هزارين ماڻھو اڃايل ڌرتي تان اٿندڙ ڪوسي لڪ ۾ پاڻ کي لهسندو محسوس ڪري رهيا آهن,

 اڄوڪي زندگي پوئين ايندڙ زندگي لاء جدوجهد ڪري رهي آھي, زندگي جي اها جدوجهد جاري رهڻي آھي, جڏھن ب اهڙي جدوجهد ختم ٿي ويئي ت ڄڻ زندگي جو انت اچي ويندو, مون کي مولان شڪارڻ ب ياد اچي پيئي, جنهن کي ڳوٺن ۾ وڃي واپار ڪرڻ لاء ڪتن کي منهن ڏيڻو پوندو هو, هن جي هڪ  هٿ ۾ لٺ  ت ٻيو هٿ کاري ۾ هوندو هوس, کارو سندس مٿي تي هوندو هو, ساڻس  ٻ ٽي ٻارڙا ب گڏهوندا هئا, هوء چاندي جا ڇلا , چوڙيون ,ٻارن جا رانديڪا ,سڳيون, ڦڻيون, سرمون ۽ ٻيو سامان کڻي گهر گهر وڪڻڻ ايندي هئي, گهر گهر ويندي مٿس گهرن جا ڪتا حملو ڪندا هئا, ت ان وقت هوء لٺ ڦيرائي ڪتا ڀڄائيندي هئي ۽ واپار ب ڪندي هئي, مولان کي ڪنن ۾ جهومڪ, چاندي جون ڪنگڻيون ۽ پيرن ۾ ڇير پيل هوندي هئي, آئون چوان ٿو ت ماڻھو موت جو شڪار ٿيڻو آھي ليڪن جدوجهد رهڻي آھي, هن وقت جياپي جي جنگ ۾ جتي مرد مٿير موجود آھن ت اتي ماسي حوا ۽ مولان جي روپ ۾ سنڌياڻيون ب موجود آھن,جيڪي وڏي همت سان جياپي جي جدوجهد ۾ روان دوان نظر اچن ٿيون.

مون ڳالھ پئي ڪئي ت جن هنڌن تي اڳي پاڻي هوندا هئا آباديون ٿينديون هيون, مڇيون ۽ پکي هوندا هئا ,هاڻي انهن ڀيڻين تي ڌوڙ پئي اڏامي, هن وقت جڏھن سنڌي ماڻھو سنڌو درياء تي نڪرندڙ نون ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج آھن ت ان وقت هندستان سرڪار  پهلگام حملي جي آڙ ۾ سنڌ طاس معاهدو جيڪو 1960 ع ۾ صدر ايوب خان ۽ پنڊت جواهر لال نهرو وچ ۾ ٿيو هو, جنهن ۾ ٽي نديون هندستان کي ۽ ٻ نديون پاڪستان کي مليون هيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي,۽ پاڪستانين کي فوري طرح ھندستان مان نڪري وڃڻ جي حڪم ب ڏنو ويو آھي, واگها ۽ اٽاري باڊر جون  چوڪيون ب بند ڪيون ويون آھن, اها صورتحال ڳڻتي جوڳي آھي جنهن سان ٻنهي ملڪن  وچ ۾ دريائن جي پاڻي تي جنگي صورتحال جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو.