آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ۽ پي ٽي آءِ وڪيل وچ ۾ ڏند چڪ

0
30

سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ۽ پي ٽي آءِ جي وڪيل وچ ۾ ڏند چڪ

چيف جسٽس وڪيل کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو، ٻڌڻي دوران مصطفين ڪاظمي پاڻمرادو روسٽرم تي اچي ويو

 چيف جسٽس پڇيو ته توهان ڪنهن جي طرفان آهيو؟ هن جواب ۾ چيو ته مان پي ٽي آءِ جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان، چيف جسٽس هدايت ڪئي ته توهان ويهي رهو، توهان ويهو نه ٿا ته پوليس وارن کي ٿا گهرايون

مصطفين ڪاظمي چيو ته توهان ڪري به اهو ئي ٿا سگهو، اسان جا ٻاهر 5 سئو وڪيل بيٺا آهن، ڏسون ٿا ڪيئن توهان اسان جي خلاف فيصلو ٿا ڏيو، هي 5 رڪني لارجر بينچ غير آئيني آهي، ٻن ججز جي شموليت غير آئيني آهي

 چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر کي مخاطب ٿيندي چيو ته علي ظفر صاحب هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ توهان اسان جي بي عزتي ڪيو اهو برداشت نه ڪنداسين

بئرسٽر علي ظفر چيو ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ چيف جسٽس چيو ته هي به پي ٽي آءِ جو وڪيل آهي ۽ توهان به سينيٽر آهيو، سيد مصطفين ڪاظمي ٻيهر روسٽرم تي اچي چيو ته توهان پنج ئي غير قانوني آهيو، اسان ڏسون ٿا هي فيصلو ڪيئن ٿو ٿئي، اسان 3 سئو وڪيل ٻاهر بيٺا آهيون

 چيف جسٽس عدالت ۾ سول ڪپڙن ۾ موجود پوليس اهلڪارن کي هدايت ڏيندي چيو ته هن جنٽل مين کي عدالت مان ٻاهر ڪڍو، سيد مصطفين ڪاظمي کي عدالت مان ٻاهر ڪڍيو ويو

 چيف جسٽس بئرسٽر علي ظفر کي چيو ته هي سڀ اسان کي ڌمڪائي رهيا آهن، بئرسٽر علي ظفر چيو ته جيڪو ڪجهه عدالت ۾ ٿيو ان جو ذميوار مان نه آهيان

 چيف جسٽس چيو ته توهان ذميوار آهيو، ڪيس هلائڻ نه ٿا چاهيو ته نه هلايو، بئرسٽر علي ظفر چيو ته مان هن معاملي تي توهان سان گڏ آهيان، مون کي پنهنجو دشمن نه بڻايو