لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي ميوزڪ واري شعبي طرفان سنڌ جي ناميارن موسيقارن استاد انعام علي سمون ۽ الطاف حسين سمون سان رھاڻ رچائي وئي جنهن ۾ اديبن، شاعرن، فنڪار، فنڪارائن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناليوارن موسيقارن استاد انعام علي سمون ۽ الطاف حسين سمون کي سندن فني خدمتن عيوض مڃتا ايوارڊ ڏيڻ سان گڏ کين اجرڪن، سنڌي ٽوپين، گلن ۽ نوٽن جي هارن جا تحفا پڻ ڏنا ويا.