لاڙڪاڻو (شوبز نيوز) لاڙڪاڻي ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي طرفان سنڌ ٿئيٽر فيسٽيول جو افتتاح ڪيو ويو. ھي فيسٽيول آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي سھڪار سان منعقد ڪيو ويو آهي.جيڪو ٻاويھ جون تائين ڏھ ڏينھن جاري رھندو. ڏھ ڏينھن جاري رھندڙ ھن فيسٽيول ۾ ڏھ اسٽيج ڊرامه پيش ڪيا ويندا.ھن ڊرامه فيسٽيول جو افتتاح لاڙڪاڻي جي ڪمشنر ۽ چيئرمن آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو طاھر حسين سانگي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي گورننگ باڊي جي ميمبرن ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ سيد امجد علي شاھ پي ٽي وي جو جنرل مئنيجر گڏجي ڪيو جن سان ، صدر آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو محمد اسماعيل جتوئي ،سيڪريٽري محمد حنيف سھاڳ ،ڊرامہ چيئرمن علي روشن شيخ ۽ ڊپٽي ڪمشنر وجاھت غفور ميراڻي پڻ گڏ ھئا. افتتاحي تقريب ۾ آجياڻو پيش ڪندي سيڪريٽري محمد حنيف سھاڳ چيو ته اسان ڪراچي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ جا ٿورائتا آهيون جن اسان کي ھي فيسٽيول منعقد ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آھي.۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ سيد امجد علي شاھ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي آھي.صدر محمد اسماعيل جتوئي خطاب ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ھي فيسٽيول منعقد ڪرڻ ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي انتظاميه جو ھٿ آھي ھن چيو ته ڪل ڏھ ڊرامہ ڏنا ويا آھن اسان اميد ڪيون ٿا ته ٻيا به ڏھ ڊراما اسان کي ڏين ته جيئن ھتي ڊائريڪٽر ن کي راضي ڪري سگھون ھاڻي به ڪيترا ڊائريڪٽر ناراض ٿي ويا آھن چاليھ پنجاھ ڊائريڪٽر آھن ڏھ ڊراما ڪنھن کي ڏئي ڪنھن کي ڏيون . صدر ان موقعي تي ھن ڊرامه فيسٽيول جي پڄاڻي کان بعد ٽي روزه ميوزڪ فيسٽيول ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.ڊاڪٽر ايوب شيخ خطاب ڪندي چيو ته اسان لاڙڪاڻي آرٽس ڪائونسل کي ٻن ميوزڪ ٽيچرن جي پگھار ھر مھيني ڏيڻ جو اعلان ڪريون ٿا ته جيئن وڌيڪ ميوزيشن پيدا ٿي سگھن. ھن چيو ته ماضيءَ۾ قمبر ۽ لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن ڪراچيءَ کي گذارہ الائونس ڏينديون ھيون ڪمشنر طاھر حسين سانگي چيو ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو پنھنجي روايت برقرار رکندي ھن سال به ڊرامه فيسٽيول منعقد ڪيو آهي.جنھن سان سماج جي عڪاسي ٿئي ٿي ۽ معاشرتي اصلاح شامل آهي. سڀني مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا.