آرٽ، اسان جو سماج ۽ سئنيمائن جي سدابهار دنيا

0
54
آرٽ، اسان جو سماج ۽ سئنيمائن جي سدابهار دنيا

 انساني سماج جنھن ۾، آرٽ جي نِڙي تي لت ڏئي ان جو ساھ گُھٽيو وڃي ٿو: اھو سماج انسان دوست نه پر انسان دشمن بڻجي وڃي ٿو. ان کان به وڌيڪ عورت ۽ ٻار دشمن سماج بڻجي وڃي ٿو. اسريل ملڪن ۾ جتي جديد علمن ۽ تحقيقن تي پورو پورو ڌيان ڏنو وڃي ٿو ات ان کان به وڌيڪ ٻن اھم شعبن ھڪ سياحت ۽ ٻيو آرٽ تي ڌيان ڏنو وڃي ڇاڪاڻ جو ھي ٻئي شعبا انساني زندگي جي مڙني سرگرمين جي جھڙي نموني سان عڪاسي ۽ ترجماني ڪن ٿا، (شايد) ٻيا شعبا ائين نٿا ڪن. ٻئي شعبا ملڪي ۽ پرڏيھي ناڻي کي آڻڻ جا بھترين ذريعا به ثابت ٿيل آھن. سياحت يعني گھمڻ ڦرڻ ۽ آرٽ يعني فلم، ناٽڪ، موسيقي، فن مصوري يا چترڪاري تي يورپ ۽ اولھ وارا ملڪ جيترو ڌيان ڏين ٿا ۽ سيڙپڪاري ڪن ٿا ان جي رتي برابر به جھلڪ اسان واري سماج ۾ نظر نٿي اچي. اسان وٽ سرڪاري سطح تي وزارتون، کاتا، ۽ ادارا ته موجود آھن پر انھن جو ڪم فائلز جا پيٽ ڀرڻ ۽ پنھنجي قيادت آڏو پاڻ وڻائڻ کان علاوه ٻيو ڪجھ به نظر نٿو اچي. اسان جي ھر وزارت ۽ کاتو، ھر ادارو ۽ اداري جو سربراھ يا ته پنھنجي اختيارن کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ آزاد ناھي ھوندو يا وري سفارشي ھجڻ ناتي ڪنھن به اھڙي قدم کي کڻڻ کان لھرائيندو ۽ لنوائيندو آھي جيڪو قدم سماج جي بھتري ۾  ڪردار ادا ڪرڻ جو سبب بڻجي پوي. جيتوڻيڪ پاڪستان جي آئين ۾ ھنن شعبن جي واڌ ويجھ تي ڌيان ڏنو ويو آھي ۽ صوبائي سطح تي به ڪافي ادارا موجود آھن پر جيڪا به سياسي حڪومت اقتدار ۾ آندي وڃي ٿي ان کي ھڪ مخصوص ايجنڊا ھٿ ۾ ڏني وڃي ٿي ۽ مزي جي ڳالھ ته ان حڪومت کي به ان ايجنڊا تي آزادي سان ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي. حڪومت سال رھي يا پنج سال پاڻ کي بچائڻ ۾ ئي پوري ھجي ٿي. اھڙي طرح سان پاڪستان جون سياسي ۽ غير سياسي حڪومتون پنھنجو پنھنجو آئيني يا غير آئيني مدو ته پورو ڪن ٿيون پر ھن حقيقت کان ڪير انڪار ڪندو ته اٺھتر سال گذر جي باوجود به پاڪستان نه معاشي طور مستحڪم ٿي سگھيو آھي نه وري سياسي استحڪام کي ئي حاصل ڪرڻ جي قابل بڻجي سگھيو آھي. تعليمي، علمي، فني اعتبار جي ڪارڪردگي جو حال ھي آھي ته اسان جو ھر اھو نوجوان جيڪو ٿورو ڪي گھڻو سمجھدار آھي پنھنجي مستقبل کي پاڪستان اندر نه پر ٻاھرين ملڪن ۾ محفوظ سمجھي ٿو. ھن کي جيئن ئي موقعو ملي ٿو ھو نڪرڻ ۾ ھڪ منٽ به دير نٿو ڪري. اسان جي باشعور طبقي جو جڏھن ھن سماج ۾ ساھ ٻوساٽجي رھيو ھجي ته پوئتي باقي ڇاٿو رھجي وڃي. ڇڏيو ھن ڳالھ کي به، اسان جي بيوروڪريسي، ٽاپ سياسي ليڊرشپ، ڪاروباري ڪٽنب ۽ اعليٰ آئيني ادارن جا سربراھ به پنھنجي ايندڙ نسلن جي بھتر ۽ محفوظ مستقبل جي لاءِ به ته پاڪستان جي بدلي ٻاھرين ملڪن کي ئي ترجيح ڏين ٿا.

ھي حقيقت آھي ته پاڪستان ٺھڻ بعد سياحت ۽ آرٽ جا ادارا  جنھن شڪل و صورت ۾ ھن جي حصي ۾ آيا انھن جي ڪارڪردگي جيڪڏھن مثالي نه به ھئي تڏھن معيار ڪريل ڪونه ھو. جيڪڏھن بنيادي سھولتن جي ڳالھ ٿا ڪريون ته: پيئڻ لاءِ صاف شفاف پاڻي جي سھولت جي ھلڪي پر چٽي تصوير شھرن اندر گڏھ گاڏن جي وسيلي مھيا ٿيندڙ پاڻي جو اعليٰ معيار پلاسٽڪ ڪيننز جي صورت ۾ چڱي طرح سان پسي سگھو ٿا. بجلي اڻلڀ، گيس غائب شد، امن و امان سواليا نشان، روزگار خواب بڻيل، تعليم ۽ تربيت مدي خارج، صحت جون سھولتون دوا ساز ڪمپنين جون محتاج، بنيادي ڍانچو بربادي ۽ تباھي جو بھترين مثال. وري سستي تفريح کي ٿا بيان ڪيون ته ان کي به اشرافيا تائين محدود ڪيو ويو آھي. ڪو وقت ھو سنڌ جي ھر ننڍي وڏي شھر ۾، گھٽ ۾ ھڪ ۽، وڌ ۾ ٽي سئنيمائون شھرن جي مکيه چونڪن جون زينتون ھونديون ھيون. اھڙي طرح سان ريلوي اسٽيشنون به عام ماڻھن جي لاءِ تفريح جا ٿاڪ بڻيل ھونديون ھيون. چونڪن ۽ اسٽيشنن تي شام ٿيندي ئي رونقون لڳي وينديون ھيون. ھڪ طرف نين ۽ پراڻين فلمن جي نمائش جون بھارون عوام کي پاڻ ڏانھن ڇڪينديون ھيون ته ٻئي پاسي ريل گاڏين جي اچ وڃ به ماڻھن جي وندر جو سامان بڻيل ھوندي ھئي. پڪوڙن جي شاپس کان وٺي پان ۽ سگريٽ جي مانڊين تائين جون سھولتون ھن قسم جي منظرن جو اھم حصو ۽ ھڙ ھونديون ھيون. سئنيمائن ۽ اسٽيشنن جي ٻاھران بيٺل ٽانگا، سوارين کي پنھنجين پنھنجين منزلن تائين پھچائڻ جي لاءِ ھڪ الڳ ئي دنيا ھوندا ھئا. اسٽيج ناٽڪن جو عام رواج ھو، موسيقي جون محفلون سجنديون ھيون، سگريٽ، چانھ، بسڪٽس جون ڪمپنيون مشھوري خاطر شھر شھر وڃي فلمن جا روڊ شوز منعقد ڪنديون ھيون. اسڪولن اندر، گيمز، ڊبيٽز  ۽ ڊرامٽڪ ڪلبس ھونديون ھيون ۽ ٻارن کي ھنن جي قابليتن ۽ صلاحيتن آڌار حصو وٺڻ جي لاءِ مائل پيون ڪنديون رھنديون ھيون ۽ ٻار به پنھنجي پنھنجي چاھ واري ڪرت ۽ شعبي ۾ پنھنجا جوھر ڏيکاريندا ھئا. دنيا جا اھڙا ڪيترائي وڏا فنڪار آھن جن جي زندگي جي باري ۾ توھان پڙھندا ته توھان کي معلوم ٿيندو ته اھي پنھنجي ٻاراڻي وحي ۾ اسڪولن ۽ اسٽيج جي دنيا سان سلھاڙجي نالو ڪمائڻ ۾ ڪافي ڪاميابيون پنھنجي نالي ڪري چڪا ھئا. شھرت جي سبب ھنن کي فلمون مليون ۽ بعد ۾ پيسو به خوب ڪمايو. فن ۽ آرٽ جي انتھائي شڪل، اوج ۽ عروج جيڪڏھن ڪا شئي ھئي ۽ آھي ته اھا سئنيما ئي آھي. سئنيما نالو وٺڻ ۽ ٻڌڻ سان ڪجھ ماڻھن جي دل ۾ فرحت ۽ تفريح حاصل ڪرڻ جو احساس پيدا ٿيندو آھي ته ڪجھ ماڻھو وري ھن ڪرت کي مذھبي پاپ ۽ سماجي ڏوھ جي دائري ۾ به رکندا آھن.

ضياءَ شاھيءَ ھن ملڪ جي سياحت ۽ آرٽ کي اھڙو ته ڌڪ رسايو جو شايد ھن ملڪ ۾ ھاڻي ٻيھر ھي دنيا پنھنجي پيرن تي بيھي سگھي! پاڪستان جي فلمي صنعت پاڪستان جي سئنيما واري صنعت کي آباد ڪيون بيٺي ھوندي ھئي. يعني فلمي صنعت ۽ سئنيما صنعت ھڪٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم ھونديون ھيون. لکين ماڻھن جو روزگار ھنن ٻنھي صعنتن سان واڳيل ھو. نه صرف ايترو پر ٻئي صنعتون ملڪي ٽيڪس ۾ پنھنجو خاطر خواھ حصو به وجھي رھيون ھيون. ڪراچي سنڌ جو اھو شھر آھي جت اسي واري ڏھاڪي کان اڳ سوَن جي تعداد ۾ سئنيمائون ھيون جيڪي ضياءَ شاھي جي حالتن جو شڪار ٿي ڊھي پٽ ٿي ويون ۽ انھن جي جاءِ اڳ ۾ شادي ھالن والاري ھئي ۽ بعد ۾ وري گھڻ ماڙ عمارتن والاري ڇڏي. سئنيما تفريح جو اھو ھنڌ آھي جنھن جي خوراڪ فلم ئي ھجي ٿي. جڏھن فلمون ٺھڻ بند ٿي ويون ته سئنيمائون پنھنجو موت پاڻ مرڻ لڳيون. ھن وقت ڪراچي اندر وڏن وڏن مالز اندر سئنيمائون موجود ته آھن پر اھي عام عوام جي پھچ کان پري آھن. عوامي سئنيمائون جيڪي اڪثر رستن ۽ شاھرائن تي موجود ھيون اڻلڀ آھن. ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ تي قائم ٽي مشھور سئينمائون، ڪيپري (1968ع)، پرنس (1972ع) ۽ نشاط (1947ع) به ھاڻي ماضي جا قصا بڻيل آھن. نشاط کي مذھبي جنونين ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو ۽ باقي ٻه جيڪي موجود آھن اھي به ڪافي سالن کان غيرفعال آھن. اسان جي شھر خيرپورناٿن شاھ ۾ به ٽي سئنيمائون ھيون جيڪي به ھاڻي ماضي جا داستان بڻجي ويون آھن. سڀ کان پھرين سئنيما نثار ٽاڪيز ھئي جنھن کي 1954ع ۾ تيار ڪيو ويو ۽ لڳ ڀڳ سٺ سال عوام کي سستي تفريح فراھم ڪندي رھي. ان بعد 1974ع ۾ پراڻي بس اسٽينڊ تي سھڻي سينيما به ميدان تي اچي وئي. سھڻي سئنيما تقريبن ٽيھن سالن تائين عوام جي خدمت ۾ پيش پيش رھي پر ھن مئي مھيني ۾ ھن جو سودو به ٿي ويو ۽ ان کي ھاڻي گرائونڊ ڪيو پيو وڃي. شايد ان جاءِ تي ھاڻي ڪو وڏو شاپنگ سينٽر يا دڪان تيار ڪيا وڃن. ٽئين سئنيما ھئي لطيف سئنيما جنھن پنھنجي ڪم جي شروعات تي 1977ع کان ڪئي پر ڪاميابي سان ھلي نه سگھي ۽ ڪجھ سالن اندر ڊھي پٽ ٿي وئي. ھنن جي جڙڻ جي پسمنظر ۽ تاريخ تي ڪڏھن وقت مليو ته ضرور لکبو پر ھن ڳالھ جو افسوس ته ٿئي ٿو ته عوام کان ھر بنيادي سھولت ته اڳ ۾ کسي وئي آھي پر ھن اھم ۽ خاص عوامي تفريح کي به عوام کان پري ڪيو ويو آھي. انساني سماج ۽ سڀاءُ ۾ بھتري آڻڻ جو سبب جيڪڏھن تعليم آھي ته ات سياحت ۽ آرٽ يعني سئنيمائن جي سدابهار ڪردار کي به نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. مان ته ھن کان به وڌي ھي چوندس ته اسان کي سماجي شعور ڏيڻ ۽ ڊگھي نظر رکڻ جا بھترين درس جيڪڏهن ڪجھ شين ڏنا ته انھن شين ۾ شامل ھڪ شئي جو نالو سئنيما  به آھي. سياحت ۽ آرٽ ھڪ سماج جي لاءِ آڪسيجن جي طور تي ڪم ڪن ٿا. آڪسيجن کان بغير سماج جي تصوير اسان جھڙن ملڪن جي صورت ۾ پسي سگھجي ٿي ڇوته ھت ماڻھو، ماڻھو جو کاڄ انھيءَ ڪري به بڻيل آھي ڇاڪاڻ جو ھت سياحت جي ڳالھ ڪرڻ جو مطلب جان کي جوکي ۾ وجھڻ آھي ۽ آرٽ جي ڳالھ ڪرڻ ڪفر کي ڪوٺ ڏيڻ جي برابر آھي.