باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي ڀرسان آريجا شھر جي رهواسي سومرا برادري جي ماڻهن فيض محمد، ميرل، صفي الله آريجو ، سڪندر سومرو ، عمران علي آريجو جي اڳواڻي ۾ خير محمد آريجا باءِ پاس وٽ لاڙڪاڻو ، موھن جو دڙو روڊ تي ڌرڻو هنيو. مظاھرين الزام هڻندي چيو ته ايس ايڇ او يونيورسٽي پوليس اھلڪار صدام ٻٽ جي چرچ تي گهر ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن سان بدتميزي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪري گهر مان روڪ رقم ، سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦرلٽ پڻ ڪئي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي يونيورسٽي پوليس عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او يونيورسٽي ٻڌايو ته دڪاندار فيض محمد سومرو خلاف آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي 10 کان وڌيڪ آن لائن شڪايتون ڪيون ويون ته هي خير محمد آريجا شهر ۾ نشي واريون سوپارين جو ڪاروبار ڪندو آهي، پوليس جاچ جي حوالي سان کائنس پڇا ڳاڇا ڪئي ته انهن پوليس ڪارروائي کان بچڻ لاءِ گهر ۾ چڙهائي جو ڊرامو رچايو آهي. ھوڏانھن ڊي ايس باقراڻي غلام مصطفي ابڙو ڌرڻي واري هنڌ پهچي شھرين کي انصاف جو يقين ڏيارڻ بعد احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرايو .