اسلام آباد (م ڊ) نامياري ڪاروباري شخصيت عقيل ڪريم ڊيڍي چيو آهي ته آرمي چيف سان ملاقات ۾ جنرل عاصم منير اهو ناهي چيو ته پاڪستان ۾ سياسي پارٽيون ملڪ سان مخلص نه آهن. مون سندس اهو جملو ناهي ٻڌو. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ميزبان شاهزيب خانزاده سان ڳالهائيندي عقيل ڪريم ڊيڍي چيو ته آرمي چيف چيو هو ته ڪراچي جون حالتون ٺيڪ ڪنداسين ۽ اسمگلنگ روڪينداسين. سياسي پارٽين ۾ سٺا ماڻهو به آهن برا به آهن. آرمي چيف چيو هو ته پاڪستان سان جيڪو ڪجهه ٿي چڪو آهي اهو وڌيڪ برداشت نه ڪنداسين. عقيل ڪريم ڊيڍي موجب آرمي چيف اهو به چيو ته هيترا هيترا عرب ڊالر مختلف ملڪن مان ايندا.دوست ملڪن خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ نه ڏينداسين.  آرمي چيف ٻڌايو ته اسان جي 24 ڪروڙ جي آبادي آهي، ان ۾ ٽارگيٽ اچيو نه ڪيا ته مشڪلاتون ٿينديون. ڪوشش ڪنداسين ته سيڙپڪاري وڌي ۽ پنهنجا مسئلا حل ڪريون. عقيل ڪريم ڊيڍي موجب اسان کي ڏنل بريفنگ جو فالو اپ به ٿي رهي آهي. اڄ به فالو اپ ميٽنگ ٿي.  پاڪستان جو ايشو سرپلس انرجي جو نه وڪامڻ آهي. ان جي ڪري ڪيپيسٽي ادائگي ڪرڻي پوي ٿي. بجلي جي جيتري ڊمانڊ ٿئي ٿي اوتري قيمت گھٽ ٿيندي.