اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف ڪيس دوران جسٽس حسن اظهر رضوي باني تحريڪ انصاف جي وڪيل کي مخاطب ڪندي رمارڪس ڏنا ته اوهان چئي رهيا آهيو فوج جنگ دوران ئي جواب ڏئي سگهي ٿي، گهر تي حملو جو نه؟ حملي جي ڳالهه ڪو به نه پيو ڪري، وڪيل چيو اسان کي اِن مائينڊ سيٽ مان نڪرڻو آهي ته فوج ئي سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي. فيئر ٽرائل ته پري جي ڳالهه. جيل ٽرائل ۾ ڪاغذ جا جي ٽڪر به کڻي وڃڻ ناهي ڏنو ويندو. جسٽس امين الدين چيو ته جيڪڏهن ڪاغذ جو ٽڪرو کڻي نه وڃڻ ڏين ها ته خط ڪٿان اچن ها.؟ جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. باني تحريڪ انصاف جي وڪيل عزيز ڀنڊاري دليل ڏنا ته آرمي ايڪٽ پاڻ کي سبجيٽ ڪري سگهي ٿو يا نه. جيڪڏهن ڪري سگهي ٿو ته ڪهڙي قانون جي تحت ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو لاڳاپيل آهي يا نه؟ ٽرائل قلمن تي نه پر اسٽيٽس تي ٿيندو. جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏنا ته فوجي ملڪيتن تي حملا ٿيا. ان جي سيڪيورٽي ڪنهن آرمي پرسنل جي ڪنٽرول ۾ هوندي. ان جي جاچ پوليس آفيسر ڪندو؟ جِتي ملٽري جي شموليت هجي اُتي ملٽري ڪورٽ شامل هوندي. وڪيل عزيز ڀنڊاري چيو ته هن ڪيس ۾ عدالت کي طئي ڪرڻو آهي ته قانون کي ڪهڙِي حد تائين وسعت ڏئي سگهجي ٿي. آرمي ايڪٽ سويلين ايڪٽ تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ آئيني تحفظ ڏيڻو پوندو. فوج جي حلف ۾ لکيل هوندو آهي ته آفيسر جو حڪم زندگي کان وڌيڪ ضروري هوندو آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته اوهان چئي رهيا آهيو ته فوج جنگ دوران ئي جواب ڏئي سگهي ٿي. گهر تي حملي جو جو نه؟ حملي جي ڳالهه ڪو به نه پيو ڪري. وڪيل عزيز ڀنڊاري باني تحريڪ انصاف جي جيل ٽرائل جو ذڪر ڪندي چيو ته فيئر ٽرائل ته پري جي ڳالهه، جيل ٽرائل ۾ ڪاعذ جو ٽڪرو به کڻي وڃڻ نٿو ڏنو وڃي. جنهن تي جسٽس امين الدين خان چيو ته ڪاغذ جو ٽڪرو نه کڻي وڃڻ ڏين ٿا ته خط ڪٿان ٿا اچي وڃن.؟ جسٽس مسرت هلالي چيو ته ها اڄ ڪلهه ته خطن جو تڪرار به هلي رهيو آهي. جسٽس جمال مندوخيل باني تحريڪ انصاف جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته اوهان صرف بنيادي حقن جي معاملي تي دليل ڏيو. عزيز ڀنڊاري چيو ته ڪورٽ مارشل ۾ ته موت جي سزا به ٻڌائي ويندي آهي. نه جج کي نه ٽريننگ ۽ نه ئي قانون جي سمجهه هوندي آهي. سزا خلاف اپيل جو حق ناهي ڏنو ويندو. صرف آرمي چيف کان رحم جي اپيل ڪري سگهجي ٿي. جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ باجوه جي ملازمت مدي ۾ واڌ جو به ذڪر ٿيو، عدالت چيو ته هڪ نوٽيفڪيشن لاءِ سڀ ويهي رهيا، اها اسان جي حالت هئي، آئيني بئنچ جي جج ٻڌڻي دوران اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه جي ملازمت ۾ واڌ تي جسٽس منصور شاهه جي فيصلي جو حوالو ڏنو، جسٽس امين الدين چيو ته سلمان اڪرم راجا دليلن ۾ ڀارت جو حوالو ڏيندي چيو هو ته اتي ملٽري ٽرائل خلاف آزاداڻي ٽربيونل ۾اپيل ويندي آهي، ڀارت ۾اپيل جو حق پارليامينٽ قانونسازي ذريعي پاڻ ڏنو يا عدالتي هدايتون هيون؟ ان تي پي ٽي آءِ باني جي وڪيل عزيز ڀنڊاري جواب ڏنو ته مون کي ان بابت ڄاڻ ناهي، جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته اسان جي آڏو ڪلڀوشن ياديو جو مثال موجود آهي، ڪلڀوشن کي خصوصي قانونسازي ذريعي اپيل جو حق ڏنو ويو، اپيل جو حق انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي سبب ڏنو ويو، جسٽس نعيم اختر افغان جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه جي ملازمت ۾ واڌ واري ڪيس جو ذڪر ڪيو، جسٽس نعيم چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو ڪيس به موجود آهي،آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو قانون نه هو، سپريم ڪورٽ جي هدايت تي پارليامينٽ آرمي چيف جي واڌ لاءِ قانونسازي ڪئي، جسٽس امين الدين رمارڪس ڏنا ته ان وقت هڪ نوٽيفڪيشن لاءِ سڀ ويهي رهيا، اها اسان جي حالت هئي. آئيني بينچ عزيز ڀنڊاري جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي 26 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.