آرمي چيف عاصم منير، عمران وٽ انڪار جو آپشن نه هو

0
76
 نئين آرمي چيف جي مقرري سان ڪيترائي موضوع ۽ بحث پڄاڻي تي پهچي ويا آهن جنهن سان گڏ غيريقيني واري صورتحال به پنهنجي پڄاڻي تي پهچي وئي آهي. وڏي

 نئين آرمي چيف جي مقرري سان ڪيترائي موضوع ۽ بحث پڄاڻي تي پهچي ويا آهن جنهن سان گڏ غيريقيني واري صورتحال به پنهنجي پڄاڻي تي پهچي وئي آهي. وڏي مان وڏو بحث ته اهو هو ته عمران خان جي لانگ مارچ جو مقصد ئي آرمي چيف جي مقرري هو، جنهن حوالي سان اهو بيانيو عمران خان پاڻ ئي پيدا ڪيو هو. عمران خان پنهنجي انٽرويو ۾ اها تجويز ڏني هئي ته جيستائين نئين حڪومت اچي تيستائين ساڳئي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي برقرار رکيو وڃي. جنهن سان ملڪ ۾ ايڪسٽينشن واري فارمولي زور ورتو. پر عمران خان جو بنيادي مقصد اهو هو ته نوازشريف ۽ شهباز شريف جن تي ڪرپشن جا الزام آهن اهي ڪيئن ٿا اهڙي اهم مقرري ڪري سگهن. وزيراعظم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران وزيراعظم کان اهو سوال به ٿيو هو ته ڇا توهان آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان عمران خان سان مشاورت ڪندئو؟ جنهن تي شهباز شريف جو چوڻ هو ته عمران خان پاڻ مشاورت ڪئي هئي؟

ٻيو وڏو مسئلو عمران خان لاءِ اهو به هو ته شهباز شريف لنڊن وڃي نواز شريف سان مشاورت ڪري پوءِ اهڙو فيصلو ڪندو. عمران خان لاءِ اهو وڏو مسئلو هو ته جنهن شخص کي هن جي دور ۾ جيل موڪليو ويو هجي جيڪو بيماري جي بنياد تي پاڻ ته ملڪ کان ٻاهر پهتو پر سندس نياڻي مريم نواز ۽ شهبا زشريف جيڪي جيل ۾ هئا اهي جن لاءِ تصور عمران جي اردگرد هو ته انهن جي سياست ختم ٿي چڪي آهي پر هن سڄي معاملي ۾ نه رڳو شهباز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ فيصلن جو اختيار ان ساڳئي خاندان جي هٿ اچي ويو. بلاول ڀٽو زرداري به جيڪا پريس ڪانفرنس زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ڪئي ان ۾ به عمران خان کي مشورو ڏنو ته سياست پئي ٿيندي رهندي توهان لانگ مارچ جي تاريخ کي اهڙي مقرري وارن ڏينهن ۾ نه ڪيو. بلاول ڀٽو ته صدر عارف علوي کي به خبردار ڪندي چيو هو ته هي هن لاءِ آخري موقعو آهي جيڪڏهن صدر عارف علوي ڪا به غلطي ڪئي ته ان جا کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

عمران خان پنهنجو جيڪو لانگ مارچ اسلام آباد لاءِ ڪري رهيو هو ان به بار بار اسلام آباد جي بجاءِ راولپنڊي راولپنڊي چوڻ شروع ڪيو. جنهنڪري اهي سوال پيدا ٿيا ته عمران خان جو مسئلو اسلام آباد واري وفاقي حڪومت آهي يا آرمي چيف جي مقرري. عمران خان جي سياسي بيانيي جي ڪري هي مقرري هڪ بحران واري ڪيفيت اختيار ڪري چڪي هئي. گذريل ڏينهن ئي جڏهن حڪومتي اتحاد وارا ميڊيا سان ان انداز سان مخاطب هئا ته عمران خان جا لانگ مارچ وارا جلسا هاڻي جلسا ناهن رهيا. جڏهن ته آرمي چيف جي مقرري پنهنجي وقت تي هڪ ٻن ڏينهن اندر ٿي ويندي، چونڊون به پنهنجي وقت تي ٿينديون، تڏهن مون قمر زمان ڪائره کان پڇيو هو ته جنهن معاملي کي توهان ايترو سادو سمجهي بيان ڪريو پيا هن پريس ڪانفرنس کان ٻاهر ته سياسي بحران واري ڪيفيت لڳي پئي آهي ٻاهر ته مارشلا جهڙا موضوع بحث هيٺ آهن. بنيادي طور ان ڪيفيت جو يا بحراني ڪيفيت جو مقصد به عمران خان سان ئي جڙيل هو. بلاول ڀٽو به جڏهن پريس ڪانفرنس ۾ صدر عارف علوي لاءِ وارننگ جهڙي ٻولي استعمال ڪري رهيو هو تڏهن به اهي سوال پيدا ٿي رهيا هئا ته جڏهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه بار بار چئي چڪو آهي ته هو وقت تي ريٽائر ٿي ويندو، ڊي جي آءِ ايس پي آر به بار بار اهڙي ڳالهه ڪري چڪو آهي ملڪ جي دفاع بابت وفاقي وزير خواجه آصف به چيو آهي ته سمري جيئن ئي ملندي ته ان تي قانون ۽ آئين مطابق عمل شروع ٿي ويندو ته پوءِ اهڙي قسم جا خدشا بلاول ڀٽو ڇو بيان ڪري رهيو آهي?

بلاول ڀٽو پاڻ به ذڪر ڪري رهيو هو ته عمران خان عدم اعتماد واري تحريڪ کان به پهريان ڌرڻن وارن ڏينهن کان اهڙي صورتحال پيدا ڪندو رهيو آهي هن آرمي چيف کي تاحيات ايڪسٽينشن ڏيڻ جي به آفر ڪئي هئي. بلاول ڀٽو جي ڳالهه پنهنجي جڳهه تي ٿي پر هتي هر معاملي جو پنهنجو پنهنجو ماضي موجود آهي جيڪو نواز شريف وارن لاءِ اهو هو ته هنن هميشه آرمي چيف جي مقرري لاءِ سينيارٽي کي اهميت ناهي ڏني اهو بحث به موجود هيو جنهن به وزيراعظم سينيارٽي کان هٽي ڪري فيصلو ڪيو ته ان جو نتيجو ڇا نڪتو? ذوالفقار علي ڀٽي جو مثال به موجود هو تنهن ڪري اهو بحث به هو ته هن ڀيري شهباز شريف وارو اتحاد  ماضيءَ جا مثال ورجائيندو يا سينيارٽي جي بنياد تي فيصلا ڪري منجهيل معاملن کي سولو ڪيو ويندو. عمران خان جو رڳو عدم اعتماد وارو مثال ئي حڪومت جي آڏو نه هو پر جنهن انداز ۾ صدر عارف علوي شهباز شريف کان ويندي حمزه شهباز تائين واري صورتحال ۾ حلف برداري کي متاثر ڪندا رهيا صدر عارف علوي ۽ پنجاب جو تڏهن وارو گورنر عمر سرفراز چيمه جيڪو ڪجهه ڪندو رهيو ايتري قدر جو موجوده آءِ ايس آءِ جي چيف جي نوٽيفڪيشن تي عمران خان پڻ جيڪا ڪيفيت پيدا ڪئي اهي وڏا مثال هئا ته عمران خان رڳو لانگ مارچ وارو آپشن استعمال نه ڪندو پر صدر عارف علوي وارو عهدو به هن وٽ آپشن طور موجود آهي

ان ڪري خواجه آصف وفاقي ڪابينه جي اندر ري ٽين واري سمري به منظور ڪرائي جنهن سان نئين آرمي چيف جي ريٽائرمنٽ وارو معاملو به حل ٿي ويو، ڇو ته نئون آرمي چيف عاصم منير 27 نومبر تي ريٽائر ٿي رهيو هيو. جيڪڏهن صدر عارف علوي سمري پاڻ وٽ 25 ڏينهن رکي ڇڏي ها ته پوءِ ڇا ٿئي ها ان ڪري خواجه آصف سندس ريٽائرمينٽ واري حد به ختم ڪري ڇڏي. ملڪ جي نالي واري قانون دان اعتزاز احسن به چئي ڇڏيو ته عمران خان يا صدر عارف علوي وٽ ڪو آپشن ناهي رهيو، ٻي اهم ڳالهه اها هئي ته نه رڳو عمران خان صدر عارف علوي پنهنجي ماضي کي نه ورجايو جنهن سان ملڪ ۾ بحراني ڪيفيت کان ڇوٽڪارو مليو پر شهباز شريف وارن به سينيارٽي جي بنياد تي عمل ڪيو جنهن ڪري عمران خان وٽ به سياسي بيانيو جوڙڻ جو موقعو گهٽ رهيو. عاصم منير عمران خان جي دور ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ رهيو جنهن کان عمران خان ڊي جي آءِ ايس آءِ جون ذميواريون واپس وٺي ڇڏيون هيون جيڪو نقطو به وڌيڪ بحث هيٺ رهيو اهو به بي پلان جو حصو هو ته جيڪڏهن صدر عارف علوي سمري تي صحيح نه ٿو ڪري ته پوءِ سينيٽ جو چيئرمين به موجود آهي. پي ٽي آءِ جي سينيٽرن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف عدم اعتماد واريون ڳالهيون به شروع ڪيون ايئن به ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته صدر عارف علوي جيڪڏهن شهباز شريف کي انهن ڏينهن ۾ اعتماد جي ووٽ وٺڻ جو چئي ڇڏي ته پوءِ ڇا ٿيندو پر اهڙن سمورن مفروضن جو خاتمو ٿي ويو.

عمران خان سان جڏهن صدر عارف علوي لاهور ملڻ ويو تڏهن چوڌري شجاعت حسين جهڙي سياستدان به چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيسٽ ميچ تي ڳالهائڻ ويو آهي. صدر عارف علوي جي نئين آرمي چيف جي مقرري واري سمري تي صحيح ڪرڻ کان اڳ ملڪ جي سمورين پارٽين پنهنجو فيصلو شهباز شريف کي ٻڌائي ڇڏيو هو،  رڳو عمران خان واري پارٽي ئي الڳ موقف سان موجود هئي. صدر عارف علوي ۽ عمران خان جي ملاقات کانپوءِ سمري تي صحيح جو مقصد آهي ته سڄي ملڪ جو نظام هڪ پئج تي اچي ويو آهي. جيڪڏهن عارف علوي ان سمري تي صحيح واري معاملي ۾ هڪ ڏينهن جو به انتظار ڪرائي ها ته ان جو مقصد پي ٽي آءِ جي انڪار سان تعبير ٿئي ها. هاڻي هن اهم مقرري واري معاملي جي پڄاڻي کانپوءِ اهم سوال اهو آهي ته عمران خان جو راولپندي مارچ جو مقصد ڇا آهي ڇا اهو فقط هڪ ڏينهن جو جلسو هوندو يا ڳالهه جلسي کان اڳتي هوندي ڇو ته نئين آرمي چيف جي منظوري کان پوءِ اهو تاثر پيدا ٿي پيو آهي ته هاڻي عمران خان جي ان جلسي يا ڌرڻي جو مقصد ناهي رهيو.