راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ علائقائي سيڪيورٽي تي ڳالهيون ٿيون، آءِ ايس پي آر موجب رابطي دوران افغان مفاهمتي عمل تي اڳڀرائي ۽ گڏيل سهڪار تي غور ڪيو ويو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان افغان عوام جِي مرضي موجب امن عمل جِي حمايت ڪندو رهندو، امريڪي پرڏيهي وزير خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جي تعريف ڪندي پاڪ آمريڪا گڏيل لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هوڏانهن جاپان جَي سفير جِي جِي ايڇ ڪيو راولپنڊي جو دورو ڪيو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون.