اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي چيف جي برطانيا جي دوري جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم هلائيندڙن خلاف حڪومت ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي، ان حوالي سان سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته آرمي چيف جي برطانيا جي دوري سان پاڪستان جو وقار وڌي ويو، پاڪ فوج جي سپهه سالار جي پيشه ورانه صلاحيتن کي پوري دنيا تسليم ڪري ٿي. تحريڪ انصاف کي آرمي چيف جو برطانيا ۾ ڀرپور استقبال هضم نه ٿيو، سوشل ميڊيا تي چند شرپسند مهم هلائي رهيا آهن، محب وطن پاڪستاني شرپسندن جي ان مهم کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي سالميت، بقا ۽ مفادن کي نقصان پهچائڻ وارو قانون جي پڪڙ ايندو، اهڙن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، آرمي چيف کي برطانيا ۾ ملندڙ عزت تحريڪ انصاف تڪراري بڻائڻ چاهي ٿي، وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي سياست زوال جو شڪار آهي، هنن وٽ ڪا ايجنڊا ناهي، ان ڪري هو ڪڏهن آءِ ايم ايف کي خط لکن ٿا ته ڪڏهن آرمي چيف جي دوري خلاف احتجاج ڪن ٿا. هن چيو ته هڪ طرف پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ذميوار ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف شرپسند گروهه پاڪستان دشمني جو ڪو به موقعو هٿان نه وڃايو. عطاءُ الله تارڙ وڌيڪ چيو ته هن ٽولي انتشار دفاعي ملڪيتن کي نشانو بڻايو، جناح هائوس کي باهه ڏني، ان تي حملو ڪيو، اهو به نه ڏٺو هو ته هي قائداعظم محمد علي جناح جو گهر آهي، پي ٽي آءِ ملڪ دشمن قوتن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي، 9 مئي تي پي ٽي آءِ ڇا ڪيو ان جا ثبوت موجود آهن.