اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل جي حوالي سان سان ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس نعيم اختر افغان ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ پنهنجي دور حڪومت ۾ وڏي گرمجوشيءَ سان آرمي ايڪٽ متعلق قانون سازي ڪئي. وڪيل سلمان اڪرم راجه دليل ڏنا ته آرمي ايڪٽ ۾ ڪا به ترميم ٿئي ته بنيادي حق ختم ٿي ويندا. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪوٽ جي ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلنز جي ٽرائل جي حوالي سان انٽرا ڪورٽ اپيلون تي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل سلمان اڪرم راجه دليلن ۾ چيو ته لياقت حسين ڪيس آرٽيڪل 10 اي کان پهريان جو آهي. 1975 ۾ ايف بي علي ڪيس ۾ پهريون ڀيرو ٽو ون ڊي ون جو ذڪر ٿيو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن بنيادي حق موجود ناهن ته ڪنهن ايڪٽ سان ملايو وڃي. ته ڇا بنيادي حق متاثر ٿيندا؟ سلمان اڪرم راجه چيو ته آرمي ايڪٽ هڪ بليڪ هول آهي ان ۾ ڪا به ترميم ٿي ته بنيادي حق ختم ٿي ويندا. قانون مطابق ڏوهه جو تعلق آرمي ايڪٽ سان هجڻ ضروري آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ٽو ون ڊي جي حيثيت هر ڀيري سپريم ڪورٽ جوڊيشل رويويو ڇو ڪري؟ سلمان اڪرم راجه چيو ته ليگل فريم ورڪ تبديل ٿي وڃي ته جوڊيشل رويويو ڪري سگهجي ٿو. جسٽس نعيم اختر افغان ريمارڪس ڏنا ته ٽو ون ڊي جي لاءِ 1967 ۾ آرڊيننس آندو ويو. آرڊينسن جي هڪ ميعاد هوندي آهي. ڪٿي ائين ته ناهي آرڊيننس جي معاد ختم ٿيڻ تي متروڪ ٿي ويو هجي. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته مارشل لا جي ٺهيل قانون کي آئين جي آرٽيڪل 270 ۾ تحفظ ڏنو ويو. جسٽس جمال مندوخيل چيو سول سروس ۾ ڪو شخص اهڙو ڏوهه ڪري ٿو ته ان کي نوڪري مان ڪڍيو ويندو آهي. سول سروس ۾ سزا ڏيڻ جو اختيار موجود ناهي. آرمڊ فوسز ۾ هڪ طرف نوڪري مان ڪڍيو ويندو آهي ٻئي طرف سزا به ڏني ويندي آهي. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪو جاسوس پڪڙيو وڃي ٿو ته ان جو ٽرائل ڪٿي ڪنداسين؟ سلمان اڪرم راجه جواب ڏنو ته ان جو ٽرائل اسپيشل انڊر آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت ٿيندو. ڪلڀوشن جو ڪيس اوهان جي سامهون آهي. دنيا ۾ ائين ڪٿي ناهي ٿيندو ته آئين بنيادي حقن ڏئي ۽ ڪو هڪ آڱر جي اشاري سان بنيادي حق کسي وٺي. سلمان اڪرم راجه دليل ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ ايف بي علي ڪيس تي نظرثاني ڪرڻ کان بغير آرمي ايڪٽ جي شقن جو جائزو وٺي سگهي ٿي. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اسان آئين جا پابند آهيون يا عدالتي فيصلن جا پابند آهيون. جيڪڏهن آئين ۾ تبديلي ٿي وڃي ته ڇا ٿيندو؟ جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته اسان کي مرڪزي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. هڪ جهڙائي آڻڻي آهي. ۽ تشريح به ڪرڻي آهي. خبر ناهي ٻيو ڇا ڇا ڪرڻو آهي. سلمان اڪرم راجه چيو ته بند دروازن پٺيان شفاف ٽرائل نٿو ٿي سگهي. 19 هين صديءَ وارو ڪورٽ مارشل لا هاڻي پوري دنيا ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. جسٽس مسرت هلالي چيو ته 103 مان ڪيترن ماڻهن اعتراف ڪيو آهي. ؟ سلمان اڪرم راجه چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به ائين ناهي ٿيندو ته اعتراف جي بنياد تي سزا ڏني وڇي. جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏان ته جيڪڏهن جوابدار اعراف نٿو ڪري ته اهو انڪار به ته نٿو ڪري. سلمان اڪرم چيو ته دنيا ۾ پورو سسٽم بدلجي ويو آهي. دنيا ۾ اوپن ٽرائل جو تصور به موجود آهي. جنهن تي جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته اسان جي سامهون معاملو آهي. اسان کي ان مطابق فيصلو ڪرڻو آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي(اڄ) تائين ملتوي ڪري ڇڏي.