ممبئي (شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪار اڀيشيڪ بچن، ايشوريا راءِ جي ماءُ طور قربانين ۽ ذميوارين کي ساراهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران هن چيو ته هو ايشوريا راءِ جو ٿورائتو آهي جو هوءَ کيس ڪم ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪندي آهي. هن چيو ته سندس نياڻي آراڌيا سان گڏ ايشوريا راءِ جي موجودگي گهر ۾ سڪون جو سبب بڻجندي آهي. هتي اِها ڳالهه غور ڪرڻ جوڳي آهي ته اڀيشيڪ طرفان پنهنجي گهرواري واري لاءِ بيان ان وقت سامهون آهي جڏهن ته ڀارتي ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي جوڙي جي طلاق جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن. اڀيشيڪ بچن ٻڌايو ته سندس ننڍپڻ ۾ به کيس پنهنجي والدين جي غير موجودگي جو احساس نه ٿيو، جيتوڻيڪ سندس پيءُ اميتاڀ بچن 70 جي ڏهاڪي ۾ فلمي دنيا جي عروج تي هو جڏهن ته سندس ماءُ جيا بچن 1976ع ۾ سندس پيدائش کانپوءِ فلمن تان وقفو ورتو هو. ياد رهي ته اڀيشيڪ ۽ ايشوريا راءِ 2007 ۾ شادي ڪئي، جوڙي کي هڪ نياڻي آراڌيا جو اولاد پڻ آهي، ايشوريا راءِ ڌيءَ جي پيدائش کانپوءِ چئن ورهين تائين فلمن ۾ ڪم نه ڪيو ۽ 2015 ۾ فلم “جذبا” ذريعي وڏي پردي تي واپسي ڪئي. ٻئي پاسي اڀيشيڪ بچن پنهنجي ايندڙ فلم “بي هيپي”، “هائوس فل فائيو” ۽ “ڪنگ” جي ريليز جي تيارين ۾ رڌل آهي.