آستانا (م ڊ) قازقستان جي شهر اڪتائو ۾ آذربائيجان جو مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن سبب 39 ڄڻا فوت ۽ 33 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب جهاز ۾ عملي جي 5 ماڻهن سميت 72 مسافر سوار هئا. حادثي جو شڪار جهاز آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو کان روس جي اثر هيٺ رياست جمهوريا چيچن جي گادي واري شهر گروزني وڃي رهيو هو پر ڪوهيڙي جي ڪري جهاز جو رستو تبديل ڪيو ويو. فوري طور تي حادثي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو پر اکين ڏٺن شاهدن موجب جهاز فضا ۾ پکين سان ٽڪرايو هو. قازقستان جي هنگامي معاملي واري وزارت موجب جهاز حادثي ۾ 39 ماڻهو فوت ۽ 33 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. حادثي جو سبب ڄاڻڻ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آهي.